يسعياہ 19:3 - Muslim Sindhi Bible3 جڏهن آءٌ مصرين جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندس، تڏهن اهي همت هاري ويهندا. پوءِ هو پنهنجن بتن کان، جادوگرن کان، ڀوپن کان، ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کان پيا پڇائون ڪندا. Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا. Faic an caibideil |
جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“