Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 19:25 - Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند انهن کي هي چوندي برڪت وارو ڪندو تہ ”اي مصر وارؤ! منهنجي قوم، اي اشور وارؤ! منهنجي ڪاريگري، ۽ اي بني اسرائيل! منهنجي چونڊيل قوم، آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪريان ٿو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خدا هن کي برڪت وارو ڪندو، ۽ چوندو تہ مصر منهنجي اُمت آهي، ۽ اسور منهنجن هٿن جو ڪم آهي، ۽ اسرائيل منهنجي ميراث آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 19:25
30 Iomraidhean Croise  

اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


شال زمين ۽ آسمان جو خالق اوهان کي برڪتون ئي برڪتون عطا ڪندو رهي!“


اي خداوند! تون منهنجي لاءِ پنهنجو ڪيل هر قول پورو ڪندين. بيشڪ تنهنجو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. سو تون پنهنجي خلقيل بندن کي ڇڏي نہ ڏجانءِ.


تڏهن بني اسرائيل مصر ۽ اشور جي ٻنهي ملڪن سان گڏجي ويندا ۽ اهي ٽيئي قومون پوريءَ دنيا لاءِ برڪت جو باعث ٿينديون.


انهيءَ ڏينهن وڏي آواز سان نفيل وڄائي ويندي، تان‌تہ اشور ۽ مصر ملڪ ۾ جلاوطن ٿيل سڀيئي بني اسرائيل موٽي اچن. سو اهي موٽي ايندا ۽ پاڪ جبل تي اڏيل شهر يروشلم ۾ اچي خداوند جي عبادت ڪندا.


بلڪ جڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي ڏسندا، جنهن کي آءٌ هڪ عظيم قوم بڻائيندس، تڏهن اوهين منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا. هائو، اوهين مون خداوند، بني يعقوب جي خدا کي پاڪ ڪري ڄاڻيندا، ۽ مون بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪندا.


خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود ۽ خالق فرمائي ٿو تہ ”مون کان ايندڙ وقت جي ڳالهين بابت پڇڻ جي اوهان کي جرئت ڪيئن ٿي؟ منهنجي ٻارن ۽ منهنجي هٿن جي ڪاريگريءَ بابت مون کان پڇڻ جي اوهان جرئت ڪيئن ڪئي؟


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


انهن جو اولاد قومن ۾ ايڏو تہ مشهور ٿيندو، جو جيڪو بہ انهن کي ڏسندو سو کين سڃاڻي چوندو تہ ’هي انهيءَ قوم وارا آهن، جنهن کي خداوند برڪت ڏني هئي.‘“


اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.


پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.


انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي ڪا موتمار آفت ايندي. آءٌ خداوند انهن تي ۽ سندن نسل تي برڪتون نازل ڪندو رهندس.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.


تون جيڪا منهنجي قوم آهين، تنهن کي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪري خوشحالي عطا ڪندس. آءٌ تو تي رحم ڪندس، جنهن کي ’رحم جوڳي نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو، آءٌ تو کي پنهنجي قوم پڻ سڏيندس، جنهن کي ’منهنجي قوم نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو. تڏهن تون مون کي وراڻي ڏيندينءَ تہ ’تون ئي منهنجو خدا آهين.‘“


اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو.


هاڻ جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي نظر ۾ بني اسرائيل کي ئي برڪت ڏيڻ سٺو آهي، تڏهن هو اڳي وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، بلڪ بيابان ڏانهن کڻي منهن ڪيائين.


شال خداوند اوهان کي برڪت ڏئي ۽ اوهان جي حفاظت ڪري،


اهڙيءَ طرح هو منهنجو نالو وٺي بني اسرائيل لاءِ دعا گھرندا تہ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.“


هاڻ ڇا خدا رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.


انهيءَ ڪري طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي، هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.


مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي رحمت ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي خدا جي رحمت ٿي اٿوَ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan