يسعياہ 19:13 - Muslim Sindhi Bible13 ضُعن شهر جا اڳواڻ بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف شهر جا شاهي عملدار ٺڳجي ويا آهن. هائو، جن تي مصري قبيلن کي ڀروسو هو، تن ئي کين گمراهہ ڪيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible13 ضعن جا شهزادا بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف جا شهزادا ٺڳجي ويا آهن؛ جيڪي مصر جا ڪنڊ وارا بنيادي پٿر آهن، تن ان کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. Faic an caibideil |
خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.