Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 19:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي فرعون! هاڻي تنهنجي انهن ڏاهن جي ڏاهپ ڪٿي آهي؟ جڏهن تہ اهي ٻڌائي ئي نہ ٿا سگھن تہ قادرِمطلق خداوند جو مصر جي باري ۾ ڪهڙو ارادو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 هاڻي تنهنجا ڏاها ماڻهو ڪٿي آهن؟ ۽ ڀلي تہ اهي توکي ٻڌائين؛ ۽ ڀلي تہ اهي ڄاڻن تہ لشڪرن جي خداوند مصر جي نسبت ۾ ڪهڙي رٿ رٿي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 19:12
13 Iomraidhean Croise  

خداوند قادرِمطلق قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون رٿيو آهي، تيئن ضرور ٿيندو. هائو، جيڪو ارادو مون ڪيو آهي، سو ضرور پورو ٿيندو.


جيڪڏهن ڪو مون جهڙو آهي تہ پُڪاري چوي، هائو، اهو اعلان ڪري، ۽ شين کي ترتيبوار ڪري مون آڏو پيش ڪري. قديم زماني کان ڀلا ٻيو ڪير آهي، جنهن هاڻي پيش ايندڙ ڳالهيون، يا جيڪي هاڻي کان پوءِ پيش اينديون تن جي خبر ڏني آهي؟


ويل آهي اوهان لاءِ! ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پاڻ کي ڏاهو ٿا سمجھو، ۽ پنهنجي خيال مطابق پاڻ کي عقلمند ٿا ڄاڻو.


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


سو جنهن ڏينهن آءٌ خداوند ادوم جي قوم کي سزا ڏيندس، تنهن ڏينهن آءٌ منجھائن دانائيءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ سندن جابلو علائقي مان ڏاهپ کي مِٽائي ڇڏيندس.


پاڪ ڪلام ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاهہ انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان ۽ دنيا ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“


هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا هن دنيا جي ڏاهپ کي بي‌وقوفي قرار نہ ڏنو آهي؟


تڏهن زبول کيس چيو تہ ”هاڻي تنهنجي بڪواس ڪٿي آهي؟ تو ئي تہ چيو ٿي تہ ’ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهيءَ جي اطاعت ڪريون؟‘ ڇا هي اهي ئي ماڻهو نہ آهن جن تي تو ٺٺوليون ٿي ڪيون؟ هاڻي ٻاهر نڪري انهن سان وڙهي تہ ڏيکار!“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan