يسعياہ 19:1 - Muslim Sindhi Bible1 مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا. Faic an caibideilSindhi Bible1 مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي. Faic an caibideil |
خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.
مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بيگناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“