Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 18:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ اهي سڀ شڪاري پکين، ۽ جھنگلي جانورن لاءِ ڇڏيا ويندا. هائو، اونهاري ۾ شڪاري پکي انهن تي گذران ڪندا، ۽ سياري ۾ جھنگلي جانور.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 جبلن جي شڪاري پکين ۽ زمين جي مرن لاءِ ڇڏيون وينديون: ۽ اهي شڪاري پکي اونهارو انهن تي گذاريندا ۽ زمين جا مرون سيارو انهن تي گذاريندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 18:6
12 Iomraidhean Croise  

پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.


بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.


آءٌ اوڀر جي ڏورانهين ملڪ کان هڪڙي شخص کي سڏيندس، اهو عقاب وانگر لامارو ڏيئي منهنجي منصوبي کي پورو ڪندو. هائو، مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.


خداوند غير قوم وارن کي حڪم ٿو ڏئي تہ ”اچو، جھنگلي جانورن وانگر منهنجي قوم کي ڳڙڪائي وڃو،


آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


پوءِ هن قوم جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻجي پوندا ۽ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هوندو جيڪو انهن پکين ۽ جھنگلي جانورن کي اتان هڪالي ڪڍي.


پوءِ سڀيئي پکي انهيءَ ڪريل وڻ تي اچي ويهندا ۽ سڀيئي جھنگلي جانور انهيءَ جي ٽارين جي مٿان پيا گھمندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan