يسعياہ 18:4 - Muslim Sindhi Bible4 انهيءَ سبب جو خداوند مون يسعياہ کي پيغام ڏيندي فرمايو تہ ”آءٌ پنهنجي عرش عظيم تان ائين سڪون سان هيٺ نظر ڪندس، جيئن ڏينهن جو گرميءَ ۾ سج جي تپش ماٺ ۾ محسوس ٿيندي آهي، يا جيئن اونهاري ۾ لاباري جي ڏينهن ۾ رات جو ماڪ خاموشيءَ ۾ پوندي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible4 ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تان جيئن اُس ۾ صاف گرمي، ۽ جيئن فصل جي گرميءَ ۾ ماڪ جو ڪڪر ڏسبو آهي، تيئن ڏسندس. Faic an caibideil |
انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“