يسعياہ 17:9 - Muslim Sindhi Bible9 جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن ماڻهن جا ٺهيل قلعن وارا مضبوط شهر برباد ڪري ويران ڪيا ويندا. پوءِ اهي انهن شهرن جيان وڻن ۽ ٻوٽن سان ڀرجي ويندا جن کي پراڻي وقت ۾ بني اسرائيل جي اڳيان ماڻهو ڇڏي ڀڄي نڪتا هئا. Faic an caibideilSindhi Bible9 انهي ڏينهن هن جا مضبوط شهر، جهنگ ۾، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي ويران ڪيلن جاين جهڙا ٿيندا، جي بني اسرائيل جي اڳيان ويران ٿيا، ۽ اهي ويران رهندا. Faic an caibideil |
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“