يسعياہ 17:3 - Muslim Sindhi Bible3 باقي بچيل ارامين جي شان وَ شوڪت جو حشر بہ بني اسرائيل جي شان وَ شوڪت جهڙو ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اسرائيل ۾ ڪوبہ ڪوٽ يا قلعو باقي نہ رهندو، جڏهن تہ ارام جي شهر دمشق مان بادشاهي ختم ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible3 افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو. Faic an caibideil |
ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“