Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 17:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هائو، ارام ملڪ جا سڀ شهر هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندا. اهي رڍن ٻڪرين جون چراگاهون ۽ وٿاڻ بڻجي ويندا، جتي اهي سلامتيءَ سان رهنديون، ۽ انهن کي ڪوبہ ڊپ ڊاءُ نہ هوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 17:2
17 Iomraidhean Croise  

تون زندگي آرام سان گذاريندين، ۽ ڪوبہ تو کي نہ ڊيڄاريندو، بلڪ گھڻا ئي تنهنجو راضپو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.


هن وقت ڪوٽن وارا شهر ويران ڪيا ويا آهن. هائو، اهي ڪنهن اجڙي ويل گھر ۽ بيابان وانگر ويران ۽ سڃا ٿي ويا آهن. اهي چوپائي مال جا چراگاهہ بڻجي ويا آهن، جتي ڌڻ آرام ٿا ڪن ۽ وڻن جي ڏارن مان چرندا ٿا وتن.


تڏهن دولتمندن جا گھر بلڪ پورا شهر ويران ٿي ويندا، جن ۾ رڍون ٻڪريون توڙي ڌارين جا ڌڻ ائين پيا چرندا، ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهن ۾ پيا چرندا هجن.


جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن جنهن ماڻهوءَ وٽ رڳو هڪڙي ڳئون ۽ ٻہ ٻڪريون پاليل هونديون، سو بہ انهن مان مليل کير کي ايترو تہ جھجھو سمجھندو جو انهن جو مکڻ کائڻ کي پنهنجي خوش‌نصيبي ڄاڻيندو. هائو، انهيءَ ملڪ ۾ بچي ويلن منجھہ اهڙي قسم جي حالت کي بہ نهايت آسودگي ۽ خوشحالي سمجھيو ويندو.


اي عروعير شهر جا رهاڪؤ! رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڦيرايو. موآب ملڪ کان ڀڄي نڪرندڙ هر مرد ۽ عورت کان پڇو تہ ’ڇا ٿيو آهي؟‘


پوءِ هن قوم جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻجي پوندا ۽ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هوندو جيڪو انهن پکين ۽ جھنگلي جانورن کي اتان هڪالي ڪڍي.


آءٌ اوهان جي گاديءَ واري شهر ربہ کي اٺن جي چراگاهہ بڻائيندس ۽ اوهان جي سڄي عمون ملڪ کي رڍن جي چراگاهہ ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهن کان پوءِ هو پنهنجي وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهندا ۽ کين ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندو. مگر ان وقت هو ڏاڍا شرمندا ٿيندا، جڏهن کين پنهنجا بڇڙائيءَ وارا ڪم ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ياد ايندي.


تڏهن هر ڪو ماڻهو بي‌خوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادر‌مطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.


اي فلستيؤ! جنهن سمنڊ جي ڪناري تي اوهين رهو ٿا، سو رڳو ريڍارن ۽ رڍن جو ماڳ ٿي ويندو.


پوءِ جد قبيلي وارن اتي ڪوٽن وارا هي شهر وري تعمير ڪيا: ديبون، عطارات، عروعير،


برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا.


عروعير جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت.


يعزير جو علائقو، جِلعاد جا سڀ شهر ۽ بني عمون جي اڌ زمين عروعير تائين، جيڪو ربہ جي سامهون آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan