يسعياہ 17:1 - Muslim Sindhi Bible1 ارام جي گاديءَ واري شهر دمشق بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، هاڻي کان پوءِ دمشق شهر نہ رهندو، بلڪ اهو رڳو برباديءَ جو ڍير بڻجي ويندو. Faic an caibideilSindhi Bible1 دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو. Faic an caibideil |
ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“