Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 16:9 - Muslim Sindhi Bible

9 آہ! هاڻي آءٌ سبماہ جي انگورن جي باغن لاءِ ائين ٿو روئان، جيئن يعزير لاءِ روئندو ٿو رهان. اي حشبون ۽ العالي شهرؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ لڙڪ وهائيندو ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ميون ۽ اناج جي فصلن تي جنگ جي تباهي اچي پيئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تنهن ڪري آءٌ سبماہ جي ڊاک لاءِ يعزير جي ماتم وانگي رئندس؛ اي حسبون ۽ اليعالہ آءٌ توکي پنهنجن لڙڪن سان پاڻي ڏيندس: ڇالاءِ جو تنهنجن آرڙهہ جي ميون تي جنگ جو نعرو اچي پيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 16:9
8 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! تون پنهنجي قوم جي شادماني وڌائيندين، ۽ انهن جي خوشي زيادہ ڪندين. هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ڪندا، جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ٿيندي آهي.


ڏسو، آءٌ پاڻ مصفاہ شهر ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي بابلي اسان وٽ اچن تن اڳيان آءٌ اوهان جي نمائندگي ڪريان. پر اوهين مئي، اونهاري جا ميوا ۽ زيتون جو تيل ڪٺو ڪريو ۽ انهن جو پاڻ وٽ ذخيرو ڪريو ۽ انهن ئي شهرن ۾ رهي پئو جيڪي اوهان هٿ ڪيا آهن.“


تڏهن اهي جن هنڌن ڏانهن ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا اتان موٽي يهوداہ ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا، جتي هنن مئي ۽ اونهاري جا ميوا جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيا.


تنهنجي ڪري هنن وار ڪوڙايا آهن، ۽ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا اٿائون. هو تنهنجي ارمان ۾ درد وچان روئندي رڙندي تو لاءِ ڏاڍو ماتم ٿا ڪن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.


هنن ٻنين ۾ وڃي انگور پٽي گڏ ڪيا ۽ انهن مان رس ڪڍي مئي ٺاهي پيتائون ۽ جشن ملهايائون. هو پنهنجي معبود جي مندر ۾ ويا اتي کاڌائون پيتائون ۽ ابيملڪ تي لعنتون وسايائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan