يسعياہ 16:4 - Muslim Sindhi Bible4 اسان موآب کان جلاوطن ڪيلن کي پنهنجي علائقي ۾ رهڻ ڏيو، ۽ اسان کي برباد ڪندڙن کان پناهہ ڏيو.“ اي موآب وارؤ! جڏهن اوهان تي ظلم ڪندڙ ناس ڪيا ويندا، ۽ تباهي وَ بربادي بند ٿي ويندي، هائو، جڏهن سڀني ظالمن کي اوهان جي ملڪ مان ناس ڪيو ويندو، Faic an caibideilSindhi Bible4 ڀلي تہ منهنجا جلاوطن تو سان رهن؛ تون موآب جي لٽيندڙن کان اَجهو ٿيءُ: ڇالاءِ جو ڦرمار ڪرڻ وارو ناس ڪيو ويندو، ڦرلٽ بند ٿي ويندي ۽ ظالم ملڪ مان چٽ ٿي نڪري ويندا. Faic an caibideil |
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.