Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 16:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سو اوهين صلاح ڏيو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي. اوهين انهيءَ وڻ وانگر اسان کي پناهہ ڏيو، جيڪو ٽاڪ منجھند جو بہ ٿڌي ڇانوَ ڏئي ٿو. اسان جلاوطنن کي پنهنجي پناهہ ۾ لڪايو، ۽ اسان کي دشمنن جي هٿ ۾ نہ ڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 صلاح ڏيو، انصاف ڪريو؛ ٻن پهرن وقت پنهنجو پاڇو رات جهڙو ڪريو: هڪالي ڪڍيلن کي لڪايو، گهمندڙن کي ظاهر نہ ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 16:3
18 Iomraidhean Croise  

جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.


اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رنن‌زالن سان انصاف ڪريو.“


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا.


خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ غير قوم وارن کي بہ پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“


اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو،


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan