هاڻ جيتوڻيڪ موآب جا ماڻهو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن تي حاضريون ڀريندي ڀريندي ٿڪجي بہ پون يا اتي ڪيتريون ئي دعائون ڇو نہ گھرن، تہ بہ کين ڪو فائدو نہ ٿيندو.
هاڻي انهيءَ بابت خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جيئن مزدورن جي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو آهي، تيئن ٽن سالن جي وقت اندر ئي موآب جو شان وَ شوڪت انهيءَ جي رهاڪن سميت ختم ڪيو ويندو. انهيءَ جا اڪثر ماڻهو ختم ٿي ويندا ۽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا، سي بہ نہ هجڻ جي برابر هوندا.“