يسعياہ 16:10 - Muslim Sindhi Bible10 سرسبز ٻنين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، انگورن جي باغن مان خوشيءَ جي راڳن ڳائڻ جو آواز بند ٿي ويو آهي، ۽ انگورن جي چيچڙن مان رس نہ ٿي ڪڍي وڃي. هائو، انگورن جي فصل جي سموري خوشي ۽ شادماني ختم ٿي ويئي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible10 ۽ ڦر ڪندڙ ٻنيءَ مان خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ ڊاک جي منهہ ۾ نڪو راڳ ڳائبو، نڪو خوشيءَ جو آواز ٿيندو: ۽ ڪو چيچڙن مان لتاڙڻ سان شراب نہ ڪڍندو؛ مون ڊاک جي فصل جي خوشي بند ڪرائي ڇڏي آهي. Faic an caibideil |
ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن، جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو. انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا. ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.