Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 15:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ديمون شهر وٽان گذرندڙ نديون رت سان ڀرجيو پيون وهن، بلڪ خداوند ديمون تي اڃا بہ وڌيڪ مصيبتون آڻيندو. هائو، موآب مان ڀڄي آيلن، ۽ انهيءَ ملڪ جي باقي بچيل سڀني ماڻهن کي هو شينهن جيان حملو ڪري چيري ڦاڙي ڇڏيندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو ديمون جون نديون رت سان ڀريل آهن: پر آءٌ اڃا بہ ڪي زيادہ ديمون تي آڻيندس؛ جيڪو موآب مان ڀڄي نڪري ٿو تنهن تي، ۽ ملڪ جي باقي بچيلن تي، آءٌ هڪڙو شينهن آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 15:9
11 Iomraidhean Croise  

سامريہ علائقي ۾ رهڻ جي شروعات ۾ انهن ماڻهن خداوند جو خوف نہ رکيو، تنهنڪري خداوند منجھن شينهن موڪليا جن انهن مان ڪن کي ماري وڌو.


بيشڪ موآب جي سڄي ملڪ ۾ رڙيون پئجي ويون آهن، ايتري قدر جو سندن واءِ‌ويلا جو آواز اِجلائم توڙي بيرايليم شهرن تائين پڻ ٻڌڻ ۾ پيو اچي.


آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.


بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.


جيڪڏهن انهن ڳالهين جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي اوهان کي ستوڻي وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ پوءِ آءٌ خود اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي اڳي کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس.


بيشڪ اسان موآبين جي اولاد کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، هائو، حشبون کان ديبون تائين کين تباهہ ڪيو اٿئون. اسان امورين سندن ملڪ کي نفح تائين ويران ڪري ڇڏيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan