Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 15:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سندن ملڪ ۾ ايتري تہ تباهي وَ بربادي آئي آهي جو نمريم جون نهرون بہ خشڪ ٿي ويون آهن، ۽ گاهہ ۽ ٻوٽا سڪي سڙي ويا آهن. ايتري قدر جو ساوڪ جو نالو نشان ئي نہ رهيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي ويران ٿي ويا آهن، ۽ گاهہ سڪي ويو آهي، ۽ تازو گاهہ ڪومائجي ويو آهي، ۽ ڪابہ سائي شيءِ ڪانهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 15:6
11 Iomraidhean Croise  

هرڻي ٻنيءَ ۾ ٻچو ڄڻي ٿي، پر گاهہ نہ هئڻ ڪري پنهنجي ٻچي کي بہ ڇڏي هلي وڃي ٿي.


حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو.


اهي باهہ وانگر هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندا، هنن جي اڳيان جيڪي عدن جي باغ جهڙيون سرسبز ٻنيون آهن، تن سڀني کي اهي اهڙو برباد ڪري ڇڏيندا، جو سندن پٺيان اهي ويران ۽ بيابان نظر اينديون. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ ٿي سگھي.


”اهو ملڪ جنهن تي خداوند بني اسرائيل جي هٿان قبضو ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ عطارات، ديبون، يعزير، نمراہ، حشبون، العالي، سبام، نبو ۽ بعون شهر آهن، تنهن جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي. جيئن تہ اسان اوهان جي ٻانهن وٽ گھڻو چوپايو مال آهي،


بيت‌نمراہ ۽ بيت‌هارن. هنن پنهنجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ واڙا پڻ ٺاهيا.


اردن جي ماٿريءَ ۾ بيت هارم، بيت نمرہ، سڪات ۽ صفون ۽ حشبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت سميت، اردن درياءَ جي اوڀر طرف گليل ڍنڍ تائين.


پهرئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan