Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 15:4 - Muslim Sindhi Bible

4 حشبون ۽ العالي شهرن جا ماڻهو روئن رڙن ٿا، سندن رڙين جو آواز تمام پري يهض تائين پيو ٻڌڻ ۾ اچي. انهيءَ ڪري موآب جا سپاهي بہ خوف وچان دانهون ٿا ڪن. هائو، موآب جا جنگي جوڌا همت هاري ويٺا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ حسبون ۽ اليعالہ فرياد ڪن ٿا؛ انهن جو آواز يهض تائين پيو ٻڌجي: تنهن ڪري موآب جا هٿيار ٻڌل ماڻهو وڏيون رڙيون ٿا ڪن؛ هن جي جان هن ۾ ڏڪي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 15:4
19 Iomraidhean Croise  

ربقہ اسحاق کي چيو تہ ”آءٌ عيسوءَ جي ڌارين زالن يعني حِتي قوم جي عورتن جي ڪري پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. جيڪڏهن يعقوب بہ هن علائقي مان حِتي قوم جي ههڙين ڇوڪرين منجھان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي تہ پوءِ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.“


پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“


آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.


موآب جي مٿاهين ميدان وارن هنن شهرن تي سزا نازل ٿيڻ واري آهي: حولون، يهصاہ، مفعت،


حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو.


انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“


هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“


پر سيحون بني اسرائيل کي پنهنجي حد مان لنگھڻ تہ نہ ڏنو، اٽلندو پنهنجي سڄي قوم گڏ ڪري بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ آيو. هن يهض شهر ۾ پهچي بني اسرائيل تي حملو ڪري وڌو.


ڏسو، حشبون شهر مان باهہ جي شعلي وانگر سيحون جي فوج نڪتي، جنهن موآب واري عار شهر کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ برساتي نهر ارنون وارن جبلن جي رهاڪو سردارن کي ڳهي ويئي.


تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري يهض شهر جي ويجھو آيو.


يهصاہ، قديمات ۽ مفعت،


انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.


پر سيحون جو بني اسرائيل تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان کين لنگھڻ ڏئي. اٽلندو هن پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري يهص ۾ اچي تنبو کوڙيا ۽ بني اسرائيل تي حملو ڪري ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan