يسعياہ 15:2 - Muslim Sindhi Bible2 سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن. Faic an caibideilSindhi Bible2 بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي. Faic an caibideil |
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.