يسعياہ 14:8 - Muslim Sindhi Bible8 هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘ Faic an caibideilSindhi Bible8 هائو، صنوبر جا وڻ ۽ لبنان جا ديودار توتي خوشي ظاهر ڪن ٿا، ۽ چون ٿا تہ جڏهن کان تون ڪري پيو آهين تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍڻ ڪونہ آيو آهي. Faic an caibideil |
تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بيشمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.