Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 14:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر هاڻي سڄي دنيا آرام ۽ سڪون ۾ آهي، ۽ هر ڪو خوشيءَ جا گيت پيو ڳائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ساري زمين آرام ۽ راحت ۾ آهي: اهي گيت ڳائڻ لڳن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 14:7
13 Iomraidhean Croise  

اي سموريون قومون! اوهين خوشيءَ مان تاڙيون وڄايو. اوهين وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڳايو،


اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.


سچارن جي خوشحاليءَ تي پورو شهر خوش ٿو ٿئي، جڏهن تہ بدڪارن جي موت تي خوشيون ملهايون ٿيون وڃن.


هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تان‌تہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“


اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.


جڏهن اتر کان تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي اچي ڪڙڪندو، تڏهن آسمان توڙي زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سي سڀ انهيءَ ڪري خوشيءَ وچان راڳ ڳائيندا.


سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي برباديءَ تي سڄي دنيا خوشيون ملهايندي.


ان وقت انهن گھوڙي سوارن مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺل انهيءَ ملائڪ کي خبر ڏني تہ ”اسين سڄيءَ دنيا ۾ جاچ ڪري آيا آهيون ۽ ڏٺو اٿئون تہ ماڻهو هر هنڌ مجبور ۽ لاچار آهن.“


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan