خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.
جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.
انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.