Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 14:2 - Muslim Sindhi Bible

2 گھڻيون ئي قومون بني اسرائيل کي خداوند جي ڏنل ملڪ ۾ موٽائي آڻڻ ۾ سندن مدد ڪنديون. پوءِ اهي قومون ٻانها ۽ ٻانهيون بڻجي سندن خدمت ڪنديون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل اڳ جن جا قيدي هئا تن کي قيد ڪندا ۽ انهن تي حڪمراني ڪندا جيڪي مٿن ظلم ڪندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 14:2
34 Iomraidhean Croise  

کانئن علاوہ سندن نوڪرن ۽ نوڪرياڻين جو تعداد ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هو. ساڻن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جو تعداد ٻہ سؤ هو.


هو بلند جبل تي چڙهي آيو، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي آيو. هن ماڻهن کان خراج ورتو آهي، بلڪ انهن فسادين کان بہ ورتو اٿائين، جن نہ ٿي چاهيو تہ خداوند خدا اُتي رهي.


انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.


تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو.


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


قادرِمطلق خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ غير قومن کي اشارو ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ بلند ڪندس، تڏهن اهي تنهنجي پٽن کي هنج ۾ کنيو ايندا، ۽ تنهنجي ڌيئرن کي ڪلهن تي کڻي آڻي تو وٽ پهچائيندا.


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي، ۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس، ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.


هن ڪري جو تنهنجيون سرحدون چئني طرفن ڏانهن وڌي وينديون. هائو، تنهنجو نسل پنهنجا اهي علائقا واپس وٺندو، جيڪي ٻين قومن جي قبضي هيٺ آهن. تنهنجو نسل ويران شهرن کي وري آباد ڪندو.


اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.


پنهنجيون اکيون کڻي چوڌاري نهار، تنهنجي ماڻهن جا ميڙ تو ڏانهن موٽي پيا اچن. ڏس، تنهنجا پٽ پري پري کان پيا اچن، ۽ جيئن ٻارن کي ڪڇ تي کڻي هلبو آهي، تيئن تنهنجي ڌيئرن کي آرام سان کڻي آندو پيو وڃي.


اي منهنجا هم‌قوم! غير قومن وارا ماڻهو اچي اوهان جي خدمت ڪندا. هائو، اهي اوهان جا ڌڻ چاريندا، اوهان جي ٻنين ۾ هارپو ڪندا، ۽ اوهان جي باغن جي سنڀال ڪندا.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.


پر هاڻي اڳتي جيڪي اوهان کي ڳڙڪائيندا، سي پاڻ ڳڙڪجي ويندا، اوهان جا سڀ دشمن جلاوطن ٿي ويندا. جيڪي اوهان کي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا. جيڪي اوهان کي شڪار بڻائين ٿا، تن کي آءٌ شڪار بڻائي ڇڏيندس.


هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.


ايتري قدر جو هنن کي جھنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻي نہ پوندي، نڪي ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن هٿيارن کي ئي باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. هو انهن کي ئي لٽيندا ۽ ڦريندا جن کين لٽيو ۽ ڦريو هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


پر پوءِ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ئي اها بادشاهي ملندي ۽ اهي سدائين بلڪ هميشہ هميشہ تائين انهيءَ جا مالڪ رهندا.“


آءٌ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون بني يهوداہ وارن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين هڪڙي ڏورانهين قوم يعني شبا ملڪ وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


باقي جيڪڏهن اوهين ٻانهيون ۽ ٻانها رکو تہ اهي اوهين پنهنجي آس‌پاس رهندڙ ٻين قومن مان خريد ڪري سگھو ٿا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.


اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.


سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي،


انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي روحاني برڪتون يروشلم جي ايمان وارن کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن.


يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي خدا کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي تابع ٿا ڪريون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan