Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 13:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اهي ڌرتيءَ جي ڇيڙي وارن ڏورانهن ملڪن مان اچن ٿا. هائو، خداوند پنهنجي غضب جي انهن هٿيارن کي آڻي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هو سڄي دنيا کي برباد ڪري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 هو هڪڙي پرانهين ملڪ مان، آسمان جي تمام ٻاهرين ڀاڱي مان اچن ٿا، يعني خداوند ۽ اُن جي ڪاوڙ جا هٿيار، انهيءَ لاءِ تہ ساري زمين ناس ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 13:5
19 Iomraidhean Croise  

افسوس، صد افسوس! اسان جا جنگ جا هٿيار، اسان جا سُورهيہ، ڪيئن نہ شڪست کائي نابود ٿي ويا آهن!“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ مادئي قوم وارن کي بابلين تي چاڙهي آڻيندس، جن کي نہ چانديءَ ۽ نہ وري سون جي لالچ ئي، ڪو چڙهائي ڪرڻ کان روڪي سگھندي.


ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.


اي منهنجي قوم وارؤ! پنهنجي گھرن اندر گھڙي وڃو، ۽ پٺيان دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کي لڪايو، جيستائين خدا جي ڪاوڙ لهي وڃي.


ڏسو، خداوند خود پري کان ڏسڻ ۾ ايندو. سندس ڪاوڙ باهہ ۽ گھاٽي دونهين وانگر هوندي. هن جو ڳالهائڻ قهر جهڙو هوندو، هائو، سندس لفظ باهہ وانگر ساڙيندڙ هوندا.


ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟


ڏسو، خداوند پري واري هڪڙي قوم کي سڏ ڪيو آهي، هن ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين سينڍ وڄائي کين سڏيو آهي. سو اهي تمام تيزيءَ سان هلندا ٿا اچن.


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو خداوند سينڍ وڄائيندو تہ مصر جي نيل نديءَ مان نڪرندڙ ڏورانهين نهرن وٽان مکين وانگر ۽ اشور جي ملڪ مان ماکيءَ جي مکين وانگر دشمن لشڪر ڪاهي ايندا.


مون خداوند پنهنجي اسلح خاني جا در کوليا آهن، ۽ پنهنجي غضب جا هٿيار ڪڍي آندا اٿم، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند، قادرِمطلق خدا کي اوهان بابلين جي ملڪ ۾ هڪ ڪم ڪرڻو آهي.


اتر مان انهيءَ ملڪ تي هڪڙي قوم ڪاهي ايندي، جيڪا انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيندي، ايتري قدر جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. ماڻهو توڙي جانور اتان ڀڄي ٻاهر نڪري ويندا.“


ڏسو، آءٌ اتر وارن ملڪن مان وڏين وڏين قومن جو هڪڙو جٿو اڀاري بابل تي چاڙهي آڻيندس. هو ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري وٺندا. هنن جا تيرانداز ايترا تہ ماهر هوندا، جو سندن هڪڙو بہ تير نہ گسندو.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊيندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ سان کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. آءٌ سندن عمل سندن ئي سر تي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan