Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 13:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جبلن تي هڪ وڏي انبوہ جو شور ٻڌو. اهو هڪ وڏي لشڪر جو گوڙ شور آهي، هائو، اهو مختلف ملڪن مان آيل قومن جو هل هنگامو آهي. ڏسو، قادرِمطلق جنگ جي لاءِ اهو لشڪر گڏ ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 13:4
23 Iomraidhean Croise  

آہ! گھڻين قومن جو گوڙ شور ٻڌڻ ۾ پيو اچي، جيڪي سمنڊ جي گجگوڙ وانگر گجن ٿيون. آہ! اهي وڏي ٻوڏ وانگر شور مچائينديون ٿيون اچن.


اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟


ڏسو، خداوند پري واري هڪڙي قوم کي سڏ ڪيو آهي، هن ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين سينڍ وڄائي کين سڏيو آهي. سو اهي تمام تيزيءَ سان هلندا ٿا اچن.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.


”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس.


اهي پاڻ گھڻين ئي قومن ۽ وڏن بادشاهن طرفان غلام بڻايا ويندا. آءٌ انهن کي سندن عملن ۽ هٿن جي ڪم موجب بدلو ڏيندس.‘“


آءٌ گذريل سالن ۾ فصلن جو ٿيل نقصان اوهان کي موٽائي ڏيندس. هائو، اهي فصل جن کي ماڪڙ جي ڪٽڪن کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. اهي ماڪڙ جا ڪٽڪ مون ئي اوهان ڏانهن لشڪر جيان موڪليا هئا.


جڏهن عدالت واري انهيءَ ماٿريءَ ۾ هزارين بلڪ لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا. بيشڪ تڏهن خداوند انهن جي عدالت ڪندو.


انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، خداوند خدا نهايت قادر آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan