يسعياہ 13:3 - Muslim Sindhi Bible3 اهي ئي منهنجا چونڊيل ماڻهو آهن، جن کي آءٌ خداوند حڪم ڏيان ٿو. هائو، مون پنهنجي انهن بهادرن کي سڏيو آهي، تانتہ هنن جي وسيلي پنهنجو غضب نازل ڪريان، اهي فخر سان للڪاري وڙهن ٿا.“ Faic an caibideilSindhi Bible3 مون پنهنجن مخصوص ڪيلن ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي، هائو، مون پنهنجي ڪاوڙ جي لاءِ پنهنجن بهادرن کي سڏيو آهي، يعني پنهنجي فخر سان خوشي ڪندڙن ماڻهن کي. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.