Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 13:21 - Muslim Sindhi Bible

21 بلڪ اهو جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻجي ويندو، ۽ انهيءَ جا گھر اُلو پکين جي آکيرن سان ڀرجي ويندا. اتي شتر مرغ اچي آباد ٿيندا، ۽ بدروح اتي پيا نچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 پر جهنگلي جانور اتي سمهندا، ۽ انهن جا گهر هلاک ڪندڙ جانورن سان ڀرجي ويندا: ۽ اتي اٺ پکي رهندا ۽ غول نچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 13:21
10 Iomraidhean Croise  

آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.


تو اسان جي دشمنن جي شهرن کي مٽيءَ جي دڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي مضبوط قلعن ۽ محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي ابد تائين وري نہ اڏجي سگھندا.


يروشلم جو شاهي محل پڻ اجاڙيو ويندو، ۽ وڏي آباديءَ وارو اهو شهر بلڪل ويران ڪيو ويندو. ٽڪر وارو قلعو ۽ اهي ٺُلهہ جن تي پهرو ڏنو ٿو وڃي، سي هميشہ جي لاءِ کنڊر بڻجي ويندا. اهي جھنگلي گڏهن جي جُوءِ، ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ بڻجي ويندا.


سو رڻ‌پٽ جا جانور ۽ گدڙ اچي بابل ملڪ ۾ رهندا ۽ اهو چٻرن جي رهڻ جي جاءِ ٿي پوندو. اوهان جو ملڪ وري ڪڏهن بہ آباد نہ ٿيندو. هائو، انهيءَ ۾ هميشہ لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو.


اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس، ۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس. جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن، ۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن، تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.


نينوہ هر قسم جي چوپائي مال، ۽ جھنگلي جانورن جي جوءِ ٿيندو. ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي ڳِجھون ۽ چٻرا اچي آکيرا ٺاهيندا. درين مان انهن جو آواز پيو گونجندو، ۽ چانئٺن تي ڪانوَ اچي ڪانگيرا ڪندا. عمارتن جو اندريون ديال وارو ڪاٺ ڪڍي کنيو ويندو.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan