Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 13:19 - Muslim Sindhi Bible

19 بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 13:19
23 Iomraidhean Croise  

خداوند سدوم ۽ عموراہ تي آسمان مان گندرف جي باهہ وسائي.


هن انهن شهرن ۽ سڄي ميدان کي، انهن سڀني ماڻهن سميت، جيڪي اتي جا رهاڪو هئا ۽ جيڪي ڪجھہ اتي زمين تي اڀريو هو تنهن سميت برباد ڪري ڇڏيو.


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


هاڻي اِجھو، آءٌ هڪڙو ماڻهو ايندي ڏسي رهيو آهيان، جنهن جي گاڏيءَ کي ٻہ گھوڙا ڇڪي رهيا آهن. اهو ماڻهو رڙيون ڪري چوي ٿو تہ ’بابل ڪري پيو آهي، هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. انهيءَ جي معبودن جي سڀني اُڪريل مورتين کي زمين تي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي.‘“


خداوند بابل شهر وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي قوم! تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ، ڇاڪاڻ تہ تون اڳتي بادشاهتن جي راڻي نہ سڏبينءَ.


اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.


جهڙيءَ طرح سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس وارن شهرن کي تباهہ ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح ئي ادوم سان بہ ٿيندو ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


جيئن اڳي مون سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي آس‌پاس وارن شهرن کي اجاڙي نابود ڪري ڇڏيو هو، تيئن بابل ۾ بہ ڪو ماڻهو ڪونہ رهندو. هائو، اتي ڪوبہ آدمزاد اچي نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


ايتري قدر جو تنهنجي ڍير مان ڪوبہ پٿر جاءِ ٺاهڻ يا پيڙهہ جو پٿر رکڻ لاءِ ڪڏهن بہ ڪونہ کنيو ويندو. بلڪ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


جيئن تہ بابل جي خلاف مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان، جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جنهن بابل جي واکاڻ جا سڄيءَ دنيا ۾ چرچا پيا هلن، سو بابل ڪيئن نہ قبضي هيٺ اچي ويندو! هائو، بابل قومن منجھہ ڪيئن نہ عبرت جو سبب بڻجي پوندو!


پوءِ دعا گھرجانءِ تہ ’اي خداوند! تو ئي چيو آهي تہ تون هن شهر کي تباهہ ڪندين، انهيءَ لاءِ تہ ڪو انسان توڙي حيوان انهيءَ ۾ نہ رهي، بلڪ اهو هميشہ لاءِ ويران رهي.‘


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


تنهنڪري، آءٌ قادر‌مطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“


يسعياہ نبيءَ هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


دنيا جا سوداگر بہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ رهيو هوندو جيڪو سندن هي مال خريد ڪري، جهڙوڪ:


اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan