Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 13:10 - Muslim Sindhi Bible

10 آسمان جي ستارن، ۽ ان جي برجن ۾ روشني نہ رهندي، سج اڀرڻ سان ئي اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي وڃائي ويهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 13:10
22 Iomraidhean Croise  

هو سج کي حڪم ڏيئي اڀرڻ کان روڪي ٿو سگھي. هو تارن کي پڻ چمڪڻ کان روڪي ٿو سگھي.


انهن ڏينهن ۾ اوهان لاءِ سج جي روشني ويندي رهندي ۽ چنڊ تارا اونداها ٿي ويندا ۽ اونداها ڪڪر اوهان مٿان بار بار لنگھندا.


اهو ڏينهن ايندو، جڏهن خداوند آسماني طاقتن کي آسمان ۾، ۽ ڌرتيءَ جي حڪمرانن کي ڌرتيءَ تي سزا ڏيندو.


انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.


خداوند بابل شهر وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي قوم! تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ، ڇاڪاڻ تہ تون اڳتي بادشاهتن جي راڻي نہ سڏبينءَ.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.


آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، جيئن ڪنهن جي مرڻ جي سوڳ ۾ کٿو ڍڪبو آهي.“


انهن جي اچڻ سان ڌرتي ڌُڏي ويندي، ۽ آسمان ڏڪي ويندو. هنن آڏو سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ختم ٿي ويندي.


سج ڦري اونداهو ٿي پوندو، ۽ چنڊ ڦري رت جيان ڳاڙهو ٿي پوندو. اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند جي ظاهر ٿيڻ واري عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ تي ٿيندو.


انهيءَ ڏينهن سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ڇڏائي ويندي.


ڇا خداوند جي ڏينهن تي انڌارو نہ هوندو؟ بيشڪ اهو اونداهو، بلڪ بنا ڪنهن روشني جي اوندهہ انڌوڪار هوندو.


پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو.


انهيءَ وقت پاري جهڙي ٿڌ نہ هوندي، بلڪ نہ گرمي هوندي، نڪي ٿڌ هوندي.


”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو.


”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو.


تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون خداوند جي عظيم ۽ جلويدار ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.


چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan