Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 12:6
40 Iomraidhean Croise  

ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”هيءَ ئي هميشہ لاءِ منهنجي آرام‌گاهہ آهي. آءٌ هتي رهي حڪمراني ڪندس، ڇوجو انهيءَ کي پسند ڪيو اٿم.


شال صيئون جبل تي خداوند سڳورو هجي! هائو، اهو جيڪو يروشلم ۾ رهي ٿو سو شل سڳورو هجي! خداوند جي واکاڻ ڪريو.


خدا انهيءَ شهر جي وچ ۾ آهي، سو ان کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو. هو سوير پرهہ ڦٽڻ سان ئي ان جي اچي مدد ڪندو.


اي بسن جا اوچا پهاڙؤ! اوهين صيئون جبل کي ڇو ٽيڏيءَ اک سان ڏسو ٿا، جنهن کي خدا پنهنجي رهڻ جي لاءِ پسند ڪيو آهي؟ هائو، جنهن تي خداوند هميشہ هميشہ تائين رهندو.


اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي، تنهنجي وفا جي واکاڻ ڪندس. اي بني اسرائيل جا پاڪ معبود! آءٌ دنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.


اي خداوند! تون ئي اسان جي ڍال آهين. اي اسرائيل جا پاڪ معبود! تون ئي اسان جو بادشاهہ آهين.


اي ايمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو، جيڪو صيئون منجھہ رهي ٿو. اوهين سڀني قومن کي سندس ڪم بيان ڪري ٻڌايو.


خداوند صيئون ۾ عظمت وارو آهي، هو سڀني قومن مٿان بلند وَ بالا آهي.


تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.


هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.


ماڻهو خوشيءَ وچان وڏي آواز ۾ پيا ڳائين. هائو، اولهہ وارا خداوند جي حشمت جي واکاڻ ٿا ڪن،


انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.


اي صيئون جبل تي يروشلم ۾ رهندڙ قوم وارؤ! اڳتي اوهان کي ڪڏهن بہ روئڻو نہ پوندو. خداوند اوهان جي فرياد جو آواز ٻڌڻ سان ئي اچي اوهان تي رحم ڪندو. هائو، هو اوهان جي ٻڌندو ۽ هڪدم وراڻي ڏيندو.


اتي خداوند اسان کي پنهنجو جلوو پسائيندو، ۽ خداوند جي حضوري اسان لاءِ خوشحاليءَ واري وڏي ندي ۽ نهر مثل هوندي، جتان دشمنن جي ٻيڙين ۽ وڏن سامونڊي جهازن جو گذر ئي نہ ٿيندو.


اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪوبہ ماڻهو وري بيمار ٿيڻ جي شڪايت نہ ڪندو. انهن جا سمورا گناهہ معاف ڪيا ويندا.


اي يروشلم وارؤ! مٿاهين جبل تي چڙهي وڃي خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. هائو، اي صيئون وارؤ! وڏي آواز سان پڪاري خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. بلند آواز سان پڪاريو، ڊڄو نہ. يهوداہ جي شهرن کي ٻڌايو تہ ”اِجھو، اوهان جو خدا اچي رهيو آهي.“


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“


اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.


قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي. پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان، هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي.


ڏسو، آءٌ ۽ منهنجا اهي ٻار جيڪي خداوند مون کي عطا ڪيا آهن، سي بني اسرائيل لاءِ قادرِمطلق خداوند جي طرفان جيئريون جاڳنديون نشانيون ۽ پيغام آهيون، هائو، انهيءَ خداوند جا جنهن جو تخت صيئون جبل تي آهي.


بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.


اوهان چيو آهي تہ ”اسين يهوداہ ۽ اسرائيل وارن جي ٻنهي ملڪن تي قبضو ڪنداسين تہ جيئن اسين ئي انهن جا مالڪ ٿيون.“ توڙي جو اهي ملڪ مون خداوند جا ئي آهن.


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجي پاڪ نالي کي پڌرو ڪندس ۽ وري اڳتي پنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿيڻ نہ ڏيندس، تڏهن قومون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تخت‌گاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بي‌حرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.


شهر جي چئني پاسن واري ڀت جي جملي ڊيگھہ نوَ ڪلوميٽر هوندي. انهيءَ ڏينهن کان شهر کي هن نالي سان سڏيو ويندو تہ ”خداوند هتي رهي ٿو.“


خداوند فرمايو تہ ”ملڪ جو وچ وارو حصو جيڪو يهوداہ واري علائقي جي ڏکڻ طرف هوندو، تنهن کي اوهين وقف ڪري ڇڏجو. انهيءَ جي ويڪر اتر کان ڏکڻ تائين ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر هوندي ۽ ڊيگھہ ملڪ جي اوڀر کان اولهہ تائين ايتري ماپ جي هوندي جيتري قبيلن کي ورهايل حصي جي هوندي. هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي.


هاڻي آءٌ پنهنجي سخت غضب کي عمل ۾ ڪين آڻيندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر هرگز برباد نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انسان ناهيان، بلڪ خدا آهيان. آءٌ پاڪ خدا اوهان سان گڏ آهيان، ۽ اوهان تي قهر نازل نہ ڪندس.


بلڪ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، ۽ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان. اوهان جو ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هوندو. پوءِ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


”جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي اوهان وٽ اچي پناهہ وٺي تہ انهيءَ کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪجو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan