Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 خداوند جي واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هن عظيم ڪم ڪيا آهن. شل اها ڳالهہ سڄي ڌرتيءَ تي مشهور ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 خداوند جي تعريف ڳايو؛ ڇالاءِ جو هن تمام عمدا ڪم ڪيا آهن: ڀلي تہ اها ڳالهہ ساري زمين تي مشهور ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 12:5
16 Iomraidhean Croise  

اوهين انهيءَ جا گيت ڳائيندي سندس واکاڻ ڪريو. هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن تن سڀني جو ذڪر ڪريو.


شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.


اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.


ان وقت موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن خداوند جي شان ۾ هي گيت ڳايو تہ ”آءٌ خداوند جو حمد وَ ثنا ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن وڏي شاندار فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.


مريم هنن جي گيت جي جواب ۾ هي ڳايو تہ ”اوهين خداوند جو حمد وَ ثنا ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هن جلال واري فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.“


ماڻهو خوشيءَ وچان وڏي آواز ۾ پيا ڳائين. هائو، اولهہ وارا خداوند جي حشمت جي واکاڻ ٿا ڪن،


اي يروشلم وارؤ! مٿاهين جبل تي چڙهي وڃي خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. هائو، اي صيئون وارؤ! وڏي آواز سان پڪاري خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. بلند آواز سان پڪاريو، ڊڄو نہ. يهوداہ جي شهرن کي ٻڌايو تہ ”اِجھو، اوهان جو خدا اچي رهيو آهي.“


اي سڄيءَ دنيا وارؤ! خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو. هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اي سامونڊي جهازرانؤ! اي سامونڊي مخلوق! اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ سندس واکاڻ ڳايو.


اي بيابان ۾ ۽ انهيءَ جي ڳوٺن ۾ رهڻ وارؤ! بلند آواز سان سندس واکاڻ ڪريو. اي قيدار قبيلي وارؤ! اي سلع شهر جا رهاڪؤ! اوهين گيت ڳايو ۽ جبلن جي چوٽين تان خوشيءَ جا نعرا هڻو.


اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.


ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan