Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 12:1
55 Iomraidhean Croise  

۽ وڃي سڻڀا طعام کائو ۽ شربت پيئو. انهن ڏانهن بہ ڪجھہ ڏياري موڪليو جن وٽ ڪجھہ بہ تيار ڪرڻ لاءِ نہ هجي. اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. سو غمگين نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوشي اوهان جي قوت آهي.“


تڏهن تون پنهنجي مصيبتن کي ائين وساري ڇڏيندين، جيئن پل هيٺان پاڻي گذري ٿو وڃي.


شايد منهنجي اها جرئت منهنجي ڇٽڻ جو سبب بڻجي پوي، ڇاڪاڻ تہ ڪو بدڪار ماڻهو تہ هن جي اڳيان بيهڻ جي همت ئي نہ ٿو ڪري سگھي.


سندس غصو رڳو هڪ پل جو آهي، پر سندس ڪرم عمر ڀر جو آهي. رات جو شايد روئڻو پوي، پر صبح جو خوشي ملي ٿي وڃي.


بيشڪ تون ئي منهنجي عزت کي وڌائيندين، ۽ مون کي نئين سر راحت بخشيندين.


اي اسان جا بچائيندڙ خدا! هاڻ تون اسان کي وري بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.


اي خداوند! تون مون کي پنهنجي ڪرم جي نشاني ڏيکار، تان‌تہ مون کان نفرت ڪرڻ وارا اهو ڏسي خوار خراب ٿين، هائو، جڏهن تون منهنجي مدد ڪندين ۽ مون کي آٿت ڏيندين.


اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجي واکاڻ ڪندس، آءٌ تنهنجا اهي سڀيئي عجيب ڪم بيان ڪندس، جيڪي تو ڪيا آهن.


ڏسو، هاڻي آءٌ ٿوريءَ ئي دير ۾ پنهنجي غضب کي ڍرو ڪري اوهان کي سزا ڏيڻ بند ڪندس ۽ پوءِ آءٌ انهن اشورين تي پنهنجو قهر نازل ڪري کين ناس ڪندس.


ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو.


اي خداوند! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو اهي عجيب وَ غريب ڪم بلڪل ساڳئي نموني پورا ڪري ڏيکاريا آهن، جيئن تو قديم زمانن کان رٿي ڇڏيا هئا.


انهيءَ ڏينهن ماڻهو هيئن چوندا تہ ”ڏسو، اهو ئي اسان جو خدا آهي، جنهن ۾ اسان جي اميد هئي تہ هو اسان کي بچائيندو. سو هن اسان جي توڪل موجب اسان کي بچايو آهي، هاڻي اسين خوش ۽ سرها آهيون.“


انهيءَ ڏينهن يهوداہ جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا تہ ”اسان جو شهر يروشلم هڪ محفوظ شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جي حفاظت خدا پاڻ ٿو ڪري.


هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.


آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس. هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي آءٌ رحم ڪندس، بلڪ آءٌ انهيءَ جي آس‌پاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو، ۽ رڻ‌پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس. پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي، ۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.


”مون تو کي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو هو، پر هاڻ گھڻيءَ ٻاجھہ سان آءٌ تو کي وري پنهنجي سيني سان لائيندس.


آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو. پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس.


جهڙيءَ طرح مون نوح جي ڏينهن ۾ واعدو ڪيو هو تہ نوح جي طوفان جهڙي ٻوڏ وري ڌرتيءَ تي نہ ايندي، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ وري تو تي نہ ڪاوڙبس، نڪي تو کي سزا ڏيندس.


خداوند يروشلم جي وسنديءَ کي فرمائي ٿو تہ ”غير قوم وارا ماڻهو تنهنجيون ڀتيون وري اڏيندا، ۽ سندن بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا. جيتوڻيڪ مون ڪاوڙ ۾ تو کي سزا ڏني، تہ بہ هاڻي پنهنجي ٻاجھہ سبب آءٌ تو تي رحم ڪندس.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


تون انهن جي مدد ڪرين ٿو، جيڪي خوشيءَ سان تنهنجي فرمانبرداري ٿا ڪن، ۽ اهي ئي ڪم ٿا ڪن جيڪي تو کي پسند آهن. اسين بہ جيڪڏهن انهن تي قائم رهون ها، تہ جيڪر بچي سگھون ها. پر ڏس، هاڻ تون اسان تي ڪاوڙيو آهين، ڇاڪاڻ تہ اسين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيون.


سو اي انسانؤ! اوهين خوش ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشيون ملهائيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ نئون يروشلم جيڪو آءٌ بڻايان ٿو، سو شادمانن سان ڀرپور هوندو، ۽ انهيءَ جا ماڻهو ٻين لاءِ بہ خوشين جو باعث بڻبا.


آءٌ يروشلم ۾ اوهان کي اهڙي تسلي ڏيندس، جهڙي ڪنهن ٻار کي پنهنجي ماءُ کان ملندي آهي.


ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا. آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين. آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.


تڏهن ڪنواريون ڇوڪريون نچنديون ۽ خوشيون ڪنديون، بلڪ جوان مرد توڙي پوڙها پڻ. آءٌ انهن جي غم کي خوشيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ کين غم جي عيوض خوشي ۽ راحت عطا ڪندس.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


تنهنڪري آءٌ خداوند موٽي يروشلم تي رحم ڪندس. تڏهن اتي منهنجي هيڪل وري تعمير ڪئي ويندي ۽ يروشلم وري موٽي پنهنجي اڳئين حالت ۾ ايندو. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ ڏينهن گھوڙن جي گھُنگھرن تي لکيل هوندو تہ ”خداوند جي لاءِ مخصوص.“ خداوند جي گھر جا سمورا ٿانوَ قربان‌گاهہ جي پيالن وانگر رڳو خداوند لاءِ مخصوص هوندا.


سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.


پر هاڻي اوهين جيڪي باقي بچيل آهيو، تن سان آءٌ اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هئم. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.


”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“


جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان خدا جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ خدا جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan