Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 11:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هائو، خداوند جي پاڪ جبل صيئون تي نہ ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسندو ۽ نہ وري ڪو ماريو ويندو، ۽ جيئن پاڻي سمنڊ کي ڀري ڇڏي ٿو، تيئن پوري ڌرتي خداوند کي سڃاڻڻ وارن سان ڀريل هوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 منهنجي پاڪ جبل ۾ هو نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا، نہ ماري وجهندا: ڇالاءِ جو زمين خداوند جي علم سان ڀرپور ٿي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ڇڏي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 11:9
44 Iomraidhean Croise  

ڇاڪاڻ تہ اهي تو تي ڪو حملو ڪين ڪندا. جيڪا ٻني تون کيڙيندين سا پٿرن کان صاف هوندي.


شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.


ائين هن کين پنهنجي پاڪ ملڪ ۾ آندو، بلڪ انهيءَ جبل تائين، جنهن کي هن پنهنجي زورآور هٿ سان فتح ڪيو هو.


تڏهن اسرائيل وارا يهوداہ وارن سان اڳتي حسد نہ ڪندا، نڪي يهوداہ وارا اسرائيل وارن سان دشمني رکندا. هائو، اسرائيل وارن مان حسد وَ ڪينو هليو ويندو، ۽ يهوداہ وارن جي دشمني بلڪل ختم ٿي ويندي.


ايترو امن هوندو جو کير پياڪ ٻار نانگن جي ٻرن وٽ پيا کيڏندا، ۽ ٿڃ ڇڏايل ٻار ڪاريهر جي ٻرن ۾ هٿ وجھندا، تہ بہ کين ڪو نقصان نہ پهچندو.


خداوند قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، هائو، هو قومن جا جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.


انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.


تڏهن ملڪ اندر بيابان ۾ توڙي آباد سرزمين ۾ هر هنڌ سچائي ۽ انصاف قائم ٿي ويندو.


۽ انهيءَ کي مضبوطيءَ سان قائم رکندو. هو اسان جي قوم جي هميشہ حفاظت ٿو ڪري، ۽ اسان کي حقيقي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪري ٿو. خداوند جو خوف ئي اسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي.


ڪوبہ شينهن يا ڪو ٻيو خونخوار جانور انهيءَ رستي جي ويجھو بہ نہ ايندو. جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي ئي انهيءَ رستي تان گذري سگھندا.


هاڻي اوڀر کان وٺي ويندي اولهہ تائين، هر ڪو ماڻهو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


تن کي آءٌ يروشلم واري پاڪ جبل صيئون تي آڻيندس، ۽ دعا واري پنهنجي گھر ۾ کين شادمان ڪندس. انهن جون ساڙڻ واريون قربانيون، بلڪ سڀيئي قربانيون منهنجي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون، ڇاڪاڻ تہ منهنجي هيڪل سڀني قومن لاءِ دعا جو گھر سڏبي.“


هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.


بگھڙ ۽ گھيٽو گڏ چرندا، شينهن ڍڳي وانگر گاهہ کائيندو، ۽ نانگ بہ بي‌ضرر هوندو، ۽ سندس گذران رڳو مٽيءَ تي هوندو. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي اهي ڪنهن کي بہ نہ ڪو نقصان رسائيندا، ۽ نہ وري برباد ڪندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن جي ڪمن ۽ خيالن کي ڄاڻان ٿو. سو اهو وقت اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ انهن سڀني قومن ۽ مختلف ٻولين وارن کي آڻي گڏ ڪندس. اهي ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسي


اهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڀني قومن منجھان موٽائي مون خداوند لاءِ هڪ سوکڙيءَ طور آڻيندا. اهي کين منهنجي پاڪ جبل تي يروشلم ۾ گھوڙن تي، گاڏين ۾، ڏولين ۾، خچرن تي ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي اهڙيءَ طرح آڻيندا، جهڙيءَ طرح بني اسرائيل پاڪ ٿانون ۾ پنهنجيون اناج جون قربانيون کڻي منهنجي هيڪل ۾ آڻيندا آهن.


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بي‌خوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون.


تنهن کان پوءِ هن پنج سؤ ميٽر وري ٻيا ماپيا، جتي اها واهي نديءَ بڻجي گھڻي اونهي ٿي ويئي هئي، جنهن مان آءٌ لنگھي نہ سگھيس. اها ايتري تہ اونهي هئي جو ترڻ کان سواءِ انهيءَ مان لنگھي نہ پيو سگھجي.


هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“


هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“


انهيءَ ڏينهن آءٌ جھنگلي جانورن، پکين ۽ سرندڙ جيتن کي حڪم ڪندس تہ اهي منهنجي قوم کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائين. آءٌ سڄي اسرائيل ملڪ مان جنگ جا هٿيار نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، تيرڪمان توڙي تلوارون سڀيئي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم کي سندن ملڪ ۾ امن وَ امان سان رهڻ ڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.


سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan