Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 11:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 11:11
69 Iomraidhean Croise  

هن جي بادشاهت جي شروعات بابل، ارڪ ۽ اڪاد شهرن مان ٿي، اهي ٽيئي شهر شِنعار علائقي ۾ آهن.


سِم جي پٽن جا نالا هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


تڏهن هو اوڀر طرف گھمندي گھمندي شِنعار علائقي جي هڪڙي ميدان ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا.


انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو چئن علائقن جي بادشاهن هر هڪ، شِنعار جي بادشاهہ امرافل، الاسار جي بادشاهہ اريوڪ، عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر ۽ گوئِم جي بادشاهہ تدعال،


ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي، جيڪا ڪُوش جي سڄي زمين منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي.


پوءِ اشور جي شهنشاهہ بابل، ڪوتہ، عوا، حمات ۽ سفروائم شهرن مان ماڻهن کي جلاوطن ڪري سامريہ علائقي جي شهرن ۾ اسرائيل وارن جي جاءِ تي آباد ڪيو. سو هو انهن شهرن ۾ قبضو وٺي رهڻ لڳا.


شهنشاهہ اخسويرس پنهنجي سڄي شهنشاهت ۾ ويندي سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽن تائين رعيت مٿان ڍل مقرر ڪئي.


ڌڻيءَ فرمايو آهي تہ ”اي بني اسرائيل! آءٌ انهن دشمنن کي اوچي جبل بسن تان بہ موٽائي ايندس، بلڪ سمنڊ جي اونهاين مان بہ وري موٽائي آڻيندس،


جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.


اهو وقت ايندو جڏهن يعقوب جي نسل مان اسرائيل جا باقي بچيل ماڻهو انهيءَ قوم تي وڌيڪ ڀروسو نہ ڪندا جنهن کين ذري گھٽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ اهي دل جي سچائيءَ سان خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو ڪندا.


مون اڳ ۾ ئي ڪلنہ توڙي ڪرڪميس شهر، ۽ حمات توڙي ارفاد شهر فتح ڪري ورتا آهن. انهن کان علاوہ سامريہ توڙي دمشق پڻ فتح ڪيو اٿم.


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


اهڙيءَ طرح خداوند پنهنجو پاڻ کي مصر وارن تي ظاهر ڪندو ۽ پوءِ مصرين ۾ خداوند جي سڃاڻ ايندي. سو اهي قربانين ۽ نذرانن پيش ڪرڻ سان خداوند جي عبادت ڪندا. هو خداوند جي حضور ۾ باسون باسيندا ۽ اهي پوريون ڪندا.


پوءِ جڏهن بہ اهي ڦرندا تڏهن خداوند کين سزا ڏيندو ۽ اهي سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا. پوءِ هو کين بچائيندو. هائو، هو سندن دعائون ٻڌندو ۽ هنن تان مصيبتون ٽاري ڇڏيندو.


هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تان‌تہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“


عيلام ۽ قير جي تيراندازن حملي لاءِ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سوارن سان گڏ تيرن سان ترڪش ڀري کنيا آهن، ۽ پنهنجي ڍالن تان پوش هٽائي ڇڏيا اٿائون.


اوڀر وارا خداوند جي ساراهہ پيا ڳائين، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن وارا سڀيئي ماڻهو پڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان پيا ڪن.


هڪ دفعو وري يهوداہ وارن مان باقي بچيل ماڻهو ٻوٽي وانگر وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي اڀري ڦر جھليندا.


اي سڄيءَ دنيا وارؤ! خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو. هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اي سامونڊي جهازرانؤ! اي سامونڊي مخلوق! اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ سندس واکاڻ ڳايو.


اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ خداوند جي عظمت جي واکاڻ ڪريو، ۽ سندس وڏائي بيان ڪريو.


جيستائين هو ڌرتيءَ تي انصاف قائم نہ ڪندو، تيستائين نہ هو ٿڪبو، نڪي همت هاريندو. ڏورانهن ملڪن واريون قومون بہ سندس تعليم لاءِ پيون واجھائينديون.“


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


ڏسو، منهنجي قوم جا ماڻهو تمام پري کان ايندا، ڪي اتر کان ايندا تہ ڪي اولهہ کان، ۽ ڪي وري مصر جي ڏکڻ واري علائقي اسوان کان ايندا.“


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


زمري، عيلام ۽ مادئين جا سڀ بادشاهہ،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ ڏورانهن ساحلي علائقن ۾ وڃي اهو اعلان ڪريو تہ ’جنهن خداوند بني اسرائيل کي ڪڻو ڪڻو ڪيو سو ئي کين وري گڏ ڪندو، ۽ انهن جي ائين سنڀال ڪندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي سنڀال ڪندو آهي.‘


خدا جو اهو فرمان جيڪو اتر مصر جي شهرن مجدال، تحفنيس، نوف ۽ ڏکڻ مصر جي علائقي ۾ رهندڙ سڀني يهوداہ وارن متلعق مون يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي هو تہ


دمشق بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”حمات ۽ ارفاد شهرن جا رهاڪو فڪرمند ٿيندا، اهي پريشان ٿي ويندا، ۽ سندن دلين ۾ بي‌قرار سمنڊ وانگر هلچل مچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اهي هيءَ بري خبر ٻڌندا تہ


تنهنجا ونجھہ هنن بسن علائقي جي شاهہ‌بلوط وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا، ۽ هنن قبرص ٻيٽ مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي تنهنجا اندريان مٿيان تختا ٺاهيا هئا جن تي عاج جڙايو هئائون.


اهي وري پنهنجي وطن جي ڏاکڻي حصي جي فتروس نالي علائقي ۾ اچي آباد ٿيندا. پر اتي سندن بادشاهت تمام ڪمزور هوندي.


عيلام جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي پنهنجي دشمنن ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻي اهي اڻ‌طهريل جي حالت ۾ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن ۽ جنگ ۾ قتل ٿي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار آهن.


ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.


پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.


تنهن کان پوءِ هو سامونڊي علائقي وارين قومن ڏانهن رخ ڪندو ۽ انهن مان گھڻين تي فتح حاصل ڪندو. پر ٻئي ملڪ جو هڪڙو فوجي سالار کيس شڪست ڏيئي هن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندو. هائو، هو شام جي بادشاهہ کي سندس غرور جو مزو چکائيندو.


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


تڏهن اسرائيل وارا ۽ يهوداہ وارا وري گڏ ٿي ويندا ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو ئي سردار چونڊيندا. پوءِ هو پنهنجي ملڪ ۾ وڌندا ويجھندا ۽ خوشحال ٿيندا ۽ اهو هڪ عظيم وقت ٿيندو جڏهن يزرعيل جو نالو سچو ثابت ٿي ويندو.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


اهي مصر مان بہ ائين ڊوڙندا ايندا، جيئن پکي اڏامندا ايندا آهن، هائو، اهي اشور ملڪ مان پڻ پنهنجن گھرن ڏانهن ائين ايندا، جيئن ڪبوتر پنهنجن کُڏن ڏانهن ايندا آهن، پوءِ آءٌ کين سندن گھرن ۾ وري آباد ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهن ڏينهن ۾ اوهان جي قوم جا جلاوطن ٿيل ماڻهو هر طرف کان اوهان وٽ موٽي ايندا. هائو، اهي اوڀر طرف اشور مان، ڏکڻ طرف مصر مان، بلڪ مصر کان وٺي اشور جي فرات نديءَ تائين سڄي علائقي کان ۽ ڏورانهن سمنڊن کان توڙي پري پري جي جابلو علائقن کان اوهان وٽ موٽي ايندا.


خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.


هن وراڻيو تہ ”هو انهيءَ گُندڙي کي بابل ملڪ ڏانهن کڻي ٿيون وڃن، جتي هڪڙو پوڄا گھر ٺاهي انهيءَ ۾ هڪڙي دِڪيءَ تي اهو گُندڙو رکيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي پوڄا ڪئي وڃي.“


آءٌ پنهنجي قوم کي اوڀر توڙي اولهہ جي ملڪن کان ڇڏائي آڻيندس.


هو حمات علائقي کي بہ نظر ۾ رکي ٿو، جنهن جي سرحد حدراڪ سان ملي ٿي. صور ۽ صيدا شهر بہ سندس نظر کان بچيل نہ آهن، توڙي جو سندن رهاڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا هنرمند آهن.


جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان خدا جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ خدا جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟


انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.


پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل خداوند ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو.


نيٺ تہ اهي تنهنجي ئي قوم ۽ تنهنجي ئي ميراث آهن، جن کي تون پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان ڪڍي آيو آهين.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan