يسعياہ 10:34 - Muslim Sindhi Bible34 خداوند انهن کي ٻيلي جي گھاٽن وڻن جيان ڪهاڙي سان وڍي ڪيرائيندو. هائو، جهڙيءَ طرح لبنان جا وڏا وڻ وڍي ڪيرايا ويندا آهن، تهڙيءَ طرح خدا دشمن لشڪر کي ڪيرائي ناس ڪندو. Faic an caibideilSindhi Bible34 ۽ هو ٻيلي جا گهاٽ لوهہ سان وڍيندو، ۽ لبنان کي هڪڙو زبردست ماڻهو ڪيرائي وجهندو. Faic an caibideil |
تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بيشمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.
انهيءَ کان علاوہ هڪ پاڪ نگهبان کي توهان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن چيو تہ ’هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي ۽ انهيءَ کي ناس ڪيو وڃي. پر انهيءَ جي ٿُڙ کي ان جي پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل ڇڏيو وڃي. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌل ڀلي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي. هائو، ڀلي تہ اهو شخص آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان آلو ٿيندو رهي ۽ ڀلي تہ حيوانن سان گڏ جھنگ ئي سندس حصو ٿئي، ايستائين جو مٿس ست سال گذري وڃن.‘