Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 10:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 10:3
40 Iomraidhean Croise  

يعقوب لابن جي پٽن کي چوندي ٻڌو تہ ”اسان جي پيءُ وٽ جيڪي ڪجھہ هو سو سڀ يعقوب کڻي ويو آهي ۽ اسان جي پيءُ جي مال ملڪيت مان هيتري دولت ڪمائي اٿس.“


هو ارامين جي پٺيان اردن درياءَ تائين ويا ۽ ڏٺائون تہ سڄي واٽ ۾ ڪپڙا ۽ ٿانوَ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا جيڪي ارامين کان تڙ تڪڙ ۾ ڪري پيا هئا. سو قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.


جيڪڏهن ائين ڪريان ها تہ خدا جڏهن مون کان پڇي ها، تہ آءٌ کيس ڪهڙو جواب ڏيان ها!


خدا جي سزا کان دولت نہ بچائي سگھندي، مگر ايمانداري ئي بچائي سگھندي.


هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو.


خداوند فرمايو تہ ”اهو ڏينهن ايندو، جڏهن اسرائيل وارن جو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو، ۽ انهن جي خوشحالي مفلسيءَ ۾ بدلجي ويندي.


انهيءَ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستي چوندا تہ ’ڏسو، جنهن ملڪ کي اسين پنهنجي اميد سمجھي ڏانهس مدد لاءِ ٿي ڊوڙياسين تہ هو اسان کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائي، تنهن جو ئي ههڙو حال ٿيو آهي، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي نڪرنداسين؟‘“


هاڻي اهي دشمن حڪمران مري کپي ويا آهن، ۽ وري جيئرا ڪين ٿيندا. هائو، اهي مئلن جي دنيا مان اُٿي ڪين ايندا، ڇاڪاڻ تہ تو کين سزا ڏيئي اهڙو ناس ڪري ڇڏيو آهي، جو سندن نالو نشان بہ هميشہ لاءِ مٽجي ويو آهي.


ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.


ياد رکو، اوهان جو ڪيل عهد اقرار هن چوڻيءَ جيان اڻپورو ثابت ٿيندو تہ ”ڪو ماڻهو اهڙي ننڍڙي کٽولي تي ستل هجي، جنهن تي ٽنگون بہ ڊگھيون نہ ڪري سگھي، ۽ سوڙ اهڙي سوڙهي هجيس جو ان ۾ پاڻ کي ويڙهي بہ نہ سگھي.“


آءٌ قادرِمطلق خداوند اوهان کي بچائڻ لاءِ، گجگوڙ سان، زلزلي سان، وڏي آواز سان، واچوڙي سان، طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان اچي نازل ٿيندس.


بلڪ اوهان چيو تہ ”نہ، اسين گھوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين.“ سو اوهين ڀڄي ضرور ويندا پر بچي ڪين سگھندا. اوهان هي بہ چيو تہ ”اسين تيز رفتار جانورن تي سوار ٿي دشمن کان بچي وينداسين.“ پر ياد رکو، اوهان جو پيڇو ڪندڙ دشمن اوهان کان وڌيڪ تيز رفتار هوندا.


مگر اڳتي هلي يهوداہ وارا پڇتائيندا تہ هنن هڪ اهڙي بي‌ڀروسي قوم تي توڪل ڪئي آهي، جيڪا کين ذلت ۽ خواريءَ کان سواءِ ڪو فائدو پهچائي نہ ٿي سگھي.“


هائو، انهيءَ مصري قوم جي مدد اجائي ۽ بي‌فائدي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون مصر کي ’لاچار ازدها‘ سڏيو آهي.“


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”اهي ماڻهو ڪٿان آيا هئا ۽ تو کي ڇا چيائون؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”اهي ماڻهو تمام ڏورانهين ملڪ بابل کان مون وٽ آيا هئا.“


سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.


ڏسو، خداوند پري واري هڪڙي قوم کي سڏ ڪيو آهي، هن ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين سينڍ وڄائي کين سڏيو آهي. سو اهي تمام تيزيءَ سان هلندا ٿا اچن.


آءٌ انهيءَ تي هٿياربند لشڪر موڪليندس، جيڪو ان کي ڀڃي تباهہ ڪري ڇڏيندو. انهيءَ محل جا عمدا عمدا ديال جا شهتير وڍي باهہ ۾ اڇلايا ويندا.


اي يروشلم جي بستي! تنهنجي مقدر ۾ بربادي لکيل آهي، پوءِ تون هي ڇا ٿي ڪرين؟ تون ڇو ٿي کهنبا ڪپڙا ڍڪين ۽ ڇو ٿي سونا زيور پائين؟ ڇو ٿي ڪڃريءَ جيان ڪجل سان پنهنجيون اکيون سينگارين؟ تنهنجو سينگار اجايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا عاشق تو کان نفرت ڪن ٿا ۽ تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


ڇا انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ کين سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو نہ وٺان؟ آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“


يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.


اوهين خداوند جا مقرر ڪيل عيد جا ڏينهن ملهائي نہ سگھندا. هائو، اوهين اهڙيون پاڪ گڏجاڻيون ڪري نہ سگھندا.


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس.


بلڪ جيڪي بہ انهن مان نيڪ ۽ سچا سمجھيا وڃن ٿا، سي بہ ڪنڊي ڪانڊيري جي ٻوٽي مثل خراب آهن. انهيءَ ڪري اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جڏهن خدا انهن کي سزا ڏيندو، جنهن بابت سندن نگهبانن يعني نبين جي معرفت خدا کين اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. سزا واري ڏينهن انهن کي حيراني وَ پريشاني وٺي ويندي.


مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“


اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن خدا تو کي بچائڻ لاءِ تو تي مِهر جي نظر ڪئي هئي.“


خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا.


غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan