Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رنن‌زالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 انهيءَ لاءِ تہ محتاجن کي عدالت کان برطرف ڪن، ۽ منهنجي قوم جي غريبن جو حق کسي وڃن، ۽ بيوہ زالن کي هو ڦرين لٽين، ۽ يتيمن کي هو پنهنجو شڪار ڪن!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 10:2
24 Iomraidhean Croise  

مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو تہ ڪين آهي، نڪي رنن‌زالن کي نااميد ئي ڪيو اٿم.


اهي رنن‌زالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.


اوهين ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪريو.


ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي ايترا تہ چيريندڙ ڦاڙيندڙ حيوان آهن، جو اهي غريبن ۽ بي‌گھر ماڻهن کي بہ ڳڙڪايو ڇڏين.


اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رنن‌زالن سان انصاف ڪريو.“


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


خدا انهن کي برباد ڪري ڇڏيندو، جيڪي بي‌گناهن کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا قرار ڏين، ۽ شهر جي دروازي وٽ ويهي عدالت ڪندڙ کي ڦندي ۾ ٿا ڦاسائين، ۽ سچار کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان انصاف کان دور ٿا رکن.


خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.


آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“


تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ ڀٽڪيل ماڻهو بي‌وقوفيءَ واريون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙي خدا کي رد ٿا ڪن. هو خداوند بابت ڪوڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ لاءِ بکايل جي پيٽ تي لت ٿا ڏين، ۽ اڃايل کي پاڻيءَ کان محروم ٿا رکن.


اوهين رشوت وٺي بدڪارن کي سچار ٿا قرار ڏيو، ۽ سچارن کي ڏوهي.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


هائو، سچائي گم ٿي ويئي آهي. هاڻ جيڪو بديءَ کان پري ڀڄڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، سو انهيءَ جو شڪار بڻجيو وڃي.“ جڏهن خداوند اهو سڀ ڏٺو تہ سندس قوم سان انصاف نہ ٿو ٿئي، تڏهن سندس نظر کي اهو برو لڳو.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


خدا تعاليٰ کي اهو بہ معلوم آهي تہ اسان جي حق‌تلفي ڪئي ٿي وڃي.


تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ستايو ٿو وڃي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.


اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي پيا ڪن.


اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس.


اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. ڇا اوهان جو اهو فرض ناهي جو اوهين انصاف قائم ڪريو؟


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan