Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اشور جي شهنشاهہ جي ٻٽاڪن سبب خداوند، قادرِمطلق خدا، سندس ٿلهن متارن جوانن کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن ڳاري ڇڏيندڙ بيماريون موڪليندو. هو سندس شان وَ شوڪت جي بجاءِ، هن جي بادشاهت ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خداوند، پنهنجن ٿلهن متارن ۾ ڏٻرائي موڪليندو؛ ۽ پنهنجي جلال جي بدران باهہ جي ساڙي وانگي هڪڙو ساڙو ڀڙڪائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 10:16
25 Iomraidhean Croise  

تڏهن خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو جنهن اشور جي شهنشاهہ جي لشڪرگاهہ ۾ ڪيترن ئي جنگي جوڌن، سالارن ۽ عملدارن کي ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اشور جو شهنشاهہ ڦڪو منهن کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي هليو ويو. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود جي پوڄا گھر ۾ ويٺو هو تہ سندس ئي پٽن کيس تلوار سان ماري ڇڏيو.


تنهن هوندي بہ خدا انهن جو عرض اگھايو، پر گڏوگڏ هن سندن جان کي اڏوهيءَ جهڙو مرض بہ لڳايو.


تہ اوچتو ئي اوچتو مٿن خدا جو غضب اچي ڪڙڪيو. سو هن انهن جي سگھارن ۽ ڪم وارن ماڻهن کي قتل ڪيو. هائو، بني اسرائيل جي جوانن مان گھڻن کي هن ماري ڇڏيو.


تڏهن شهنشاهہ جا گھاٽا ٻيلا ۽ سرسبز ٻنيون انهيءَ مريض وانگر بلڪل فنا ٿي وينديون، جنهن کي موتمار بيماري چٽ ڪيو ڇڏي.


خداوند فرمايو تہ ”اهو ڏينهن ايندو، جڏهن اسرائيل وارن جو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو، ۽ انهن جي خوشحالي مفلسيءَ ۾ بدلجي ويندي.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


انهن جو محافظ شهنشاهہ دهشت وچان ڀڄي ويندو، ۽ سندن لشڪر جا سالار اهڙا تہ ڊڄي ويندا، جو پنهنجا جنگي جھنڊا بہ اڇلائي ڀڄي نڪرندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي. انهيءَ خداوند جو، جنهن جو خوفناڪ قهر، ٻرندڙ تنور جي باهہ جيان يروشلم ۾ ٿو ڀڙڪي.


تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


تڏهن دولتمندن جا گھر بلڪ پورا شهر ويران ٿي ويندا، جن ۾ رڍون ٻڪريون توڙي ڌارين جا ڌڻ ائين پيا چرندا، ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهن ۾ پيا چرندا هجن.


تنهنڪري هاڻي ڏس، آءٌ پروردگار ارام ۽ اسرائيل ملڪن تي اشور جو شهنشاهہ سندس پوري لشڪر سان چاڙهي آڻيندس. اهي فرات نديءَ جي تمام زور واري سيلابي پاڻيءَ جيان اچي مٿن ڪڙڪندا، جيڪو پاڻي پنهنجي سڀني نهرن جا ڪنارا ڀڃي ڌوڪيندو ايندو آهي.


انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.


تنهنجي قوم انهيءَ ڪري خوشي ڪندي جو سندن دشمنن جي لاشن جا رت ۾ ڀريل ڪپڙا ساڙيا ويندا، ۽ انهن ملڪ لتاڙيندڙ لشڪر وارن جا بوٽ باهہ جو کاڄ بڻبا.


آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آس‌پاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي موآب وارؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين جوڌا جوان ۽ جنگي سورما آهيون‘؟


آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! توڙي جو نينواہ وارا ڪيترا بہ زورآور ۽ تعداد ۾ گھڻا ڇو نہ هجن، تہ بہ هو تباهہ ۽ ناس ٿي ويندا. جيتوڻيڪ مون اوهان کي ڏک ڏنو آهي، تڏهن بہ هاڻي اوهان کي وڌيڪ ڏکي نہ ڪندس.


خداوند اتر طرف پنهنجو هٿ کڻي اشور کي ناس ڪري ڇڏيندو. جڏهن تہ هو ان جي گاديءَ واري شهر نينوہ کي ويران ۽ بيابان جهڙو خشڪ ڪري ڇڏيندو.


تڏهن قادر‌مطلق خداوند مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو تہ جيئن آءٌ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي سندس اهو فرمان وڃي ٻڌايان تہ ”جڏهن اوهان پنجين توڙي ستين مهيني ۾ ستر سالن تائين روزا رکيا ۽ رنا رڙيا تہ ڇا اهو سڀ ڪجھہ اوهان خاص منهنجي خاطر ڪيو؟


انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan