Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 1:9
37 Iomraidhean Croise  

خداوند جواب ڏنس تہ ”جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ سچار ملندا تہ انهن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس.“


ابراهيم چيو تہ ”اي مالڪ! جيڪڏهن ڪاوڙجين نہ تہ آءٌ هڪڙو ڀيرو وري بہ ڳالهايان. شايد اتي رڳو ڏهہ لڀن؟“ هن چيو تہ ”آءٌ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس جيڪڏهن اتي ڏهہ ڄڻا ئي لڀن.“


خداوند سدوم ۽ عموراہ تي آسمان مان گندرف جي باهہ وسائي.


انهيءَ هوندي بہ آءٌ پنهنجي لاءِ اسرائيل ملڪ ۾ ست هزار ماڻهو ڇڏيندس يعني اهي سڀيئي جن جا گوڏا بعل اڳيان سجدي ڪرڻ لاءِ نہ جھڪيا آهن ۽ جن جي چپن سندس بت کي نہ چميو آهي.“


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


رڳو يروشلم شهر ئي باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو دشمنن جي گھيري هيٺ آيل لاچار شهر جيان آهي، جيئن انگورن جي باغ ۾ ڪا جھوپڙي، يا جيئن ونگن جي واڙيءَ ۾ ڪا جھُڳي هجي.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


پر جيڪڏهن ان ۾ ڪي ماڻهو بچي بہ ويا تہ اهي ايترا تہ ٿورا هوندا، جيئن ڪنهن ڌوڻو ڏنل زيتون جي وڻ ۾ ڪي ٿورا زيتون وڃي بچندا آهن، ٻہ ٽي داڻا مٿاهين ٽارين ۾، ۽ هيٺاهين ڦلدار ٽارين ۾ رڳو چار پنج داڻا بس. اهو مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


بيشڪ ڌرتيءَ تي رهندڙ قومن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو ميوو ڇاڻڻ کان پوءِ زيتون جي وڻ جو، يا جهڙو انگور چونڊجڻ کان پوءِ خالي ول جو.


تنهنڪري خداوند ڌرتيءَ کي لعنت سان ڀري ڇڏيندو. انهيءَ جا رهاڪو پنهنجي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا، ۽ رڳو ڪي ٿورا ماڻهو باقي وڃي بچندا.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


اي يعقوب جو اولاد! هائو، اوهين باقي بچي ويل بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جي ڳالهہ ٻڌو. مون ئي شروع کان وٺي اوهان کي پئي سنڀاليو آهي، ائين ئي جيئن ڪنهن ٻار کي ڄمڻ کان وٺي پالي نپايو وڃي.


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح سٺن انگورن کي برباد نہ ٿو ڪيو وڃي، بلڪ انهن مان مئي ٿي ٺاهي وڃي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ پنهنجي پوري قوم کي برباد نہ ڪندس، بلڪ آءٌ انهن کي بچائيندس جيڪي منهنجي بندگي ٿا ڪن.


يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾ مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي جو هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن. هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن، تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي. سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾ سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن.


مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي.


منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي. انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو.


انهيءَ هوندي بہ يروشلم جي رهاڪن مان ڪي باقي بچندا، جيڪي پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اوهان وٽ ايندا. اي حزقي‌ايل! جڏهن توهين انهن جي چال چلت ۽ بڇڙا ڪم ڏسندا تڏهن ڄاڻي وٺندا تہ مون يروشلم تي اهي آفتون ۽ مصيبتون نازل ڪري ڪيڏو نہ صحيح ڪم ڪيو آهي.


تنهن هوندي بہ آءٌ انهن مان ڪجھہ ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائيندس ۽ کين ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس،


پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“


مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


تنهنڪري، آءٌ قادر‌مطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“


پر جيڪو دروازو ۽ رستو زندگيءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ڪيڏو نہ سوڙهو ۽ تنگ آهي ۽ ڪي ٿورا ئي آهن جن کان اهو لڀي ٿو.“


جڏهن تہ بني اسرائيل بابت يسعياہ نبي پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.


يسعياہ نبيءَ هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


ساڳئي نموني خدا سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايندڙ زمانن جي بي‌دينن لاءِ عبرت جو هڪ مثال ٿين.


سندن لاش انهيءَ وڏي شهر جي سڙڪ تي پيا رهيا، جتي انهن جي خداوند کي صليب تي چاڙهيو ويو هو. انهيءَ شهر کي علامتي طور سدوم ۽ مصر سان ڀيٽي سگھجي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan