Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 1:5
25 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ وري ٽيون پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ٽيون سالار مٿي چڙهي ويو ۽ الياس جي اڳيان گوڏا کوڙي، منٿ ڪندي کيس چيائين تہ ”اي خدا جا ٻانها! مون تي ۽ هنن پنجاهہ ماڻهن تي رحم جي نظر ڪريو. اسين توهان جا ٻانها آهيون سو اسان کي جيئدان ڏيو.


آخز بادشاهہ پنهنجي تنگيءَ وارن ڏينهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ خداوند جو نافرمان ٿي پيو.


اسان جي بادشاهن، اسان جي اميرن، اسان جي ڪاهنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن تنهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو. هائو، هنن نہ تنهنجي حڪمن کي مڃيو، نڪي تنهنجي طرفان مليل نصيحتن تي ئي ڪو ڌيان ڏنائون.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي خلاف سخت بغاوت پئي ڪئي آهي، پر هاڻي مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪوبہ ماڻهو وري بيمار ٿيڻ جي شڪايت نہ ڪندو. انهن جا سمورا گناهہ معاف ڪيا ويندا.


اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.


اسرائيل ملڪ جا منسي ۽ افرائيم قبيلا هڪٻئي تي حملا ٿا ڪن، ۽ ٻئي گڏجي وري يهوداہ تي حملو ڪن ٿا. ايتري سزا ڏيڻ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿو ٿئي، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل ٿو رهي.


ڇا ڪو حبشي پنهنجي کل جو رنگ بدلائي سگھي ٿو؟ يا ڪو چيتو پاڻ تان دٻڪن جا نشان مَٽائي سگھي ٿو؟ ساڳيءَ طرح تون بہ نيڪي ڪري نہ ٿي سگھين، جيڪا بڇڙائيءَ جي عادي آهين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


تڏهن اهي سڀ مرد جن کي خبر هئي تہ سندن زالون غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪنديون آهن ۽ اهي سڀ عورتون جيڪي وڏي انبوہ جي صورت ۾ اتي موجود هيون ۽ ساڻن گڏ اهي سڀ موجود ماڻهو پڻ جيڪي ڏکڻ توڙي اتر مصر ۾ رهندا هئا، تن مون يرمياہ کي چيو تہ


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تان‌تہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.


انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن، ۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي.


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.


اوهان ڪڏهن بہ ضعيفن کي طاقت نہ ڏني آهي، نڪي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو اٿوَ، نہ وري ڀڳل عضون کي ٻڌي سڄو ڪيو اٿوَ. اوهان ڀٽڪي ويلن کي موٽائي نہ آندو آهي، نڪي گم ٿي ويلن کي ڳولي لڌو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ زور ۽ زبردستيءَ سان مٿن حڪم پئي هلايو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan