يسعياہ 1:4 - Muslim Sindhi Bible4 اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو. Faic an caibideilSindhi Bible4 افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن. Faic an caibideil |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،
اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻپٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،