Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 1:28 - Muslim Sindhi Bible

28 پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 پر بدڪار ۽ گنهگار گڏ ناس ٿي ويندا ۽ جيڪي خداوند کي ڇڏي ڏيندا سي چٽ ٿي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 1:28
38 Iomraidhean Croise  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


سو ادومي اڄ ڏينهن تائين يهوداہ ملڪ کان باغي رهندا ٿا اچن. يهورام جي ئي ڏينهن ۾ لبناہ شهر وارا بہ باغي ٿي ويا. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو يهورام خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


هن دمشق جي ديوتائن جي لاءِ قربانيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال موجب هنن ئي کيس شڪست ڏياري هئي. هن سوچيو تہ ”جيئن تہ ارام جي بادشاهن جي ديوتائن هنن جي مدد ڪئي هئي، سو آءٌ بہ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ جيئن هو منهنجي بہ مدد ڪندا.“ پر آخز جو اهو عمل سڀني يهوداہ وارن لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻيو.


اسرائيل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ ۾ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار بهادر ماڻهو مارائي ڇڏيا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


هاڻي جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ جيڪي بہ بدڪار آهن، خدا رڳو تن تي ئي مصيبت ۽ تباهي ٿو موڪلي،


هو انهن کي ظاهر ظهور عام ماڻهن جي اڳيان سندن بديءَ جي سزا ڏئي ٿو.


انهيءَ سبب جو هنن کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ۽ سندس حڪمن جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪيائون.


سچارن جي راهہ جي خداوند پاڻ سنڀال ڪري ٿو، پر بڇڙا جنهن راهہ تي هلن ٿا سا برباديءَ ڏانهن ٿي وڃي.


شل گنهگار ڌرتيءَ تان بلڪل فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار ڌرتيءَ تي باقي نہ رهن! آءٌ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو.


پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


جڏهن تہ بدڪار ماڻهو سڀ جو سڀ برباد ٿيندا. هائو، بڇڙن جو مستقبل برباد ڪيو ويندو.


تون انهن سڀني کي برباد ڪندين، جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. تو خداوند کي خونيءَ ۽ دغاباز کان سخت نفرت آهي.


ڏس، تو کي جيڪي بہ ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ فنا ٿيندا. هائو، جيڪي بہ تو کان ڦري بي‌وفا ٿا ٿين، تن سڀني کي تون برباد ڪري ڇڏيندين.


تو بت‌پرست قومن تي فتويٰ جاري ڪئي آهي، ۽ انهن بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿيئي، هائو، تو هميشہ لاءِ سندن نالو ئي مِٽائي ڇڏيو آهي.


جڏهن تہ اي خداوند! تنهنجا بدڪار دشمن ڪڻو ڪڻو ڪيا ويندا، بلڪ انهن سڀني کي برباد ڪيو ويندو.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو.


ان وقت ڌرتي نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿڙندي ٿاٻڙندي، اها طوفان ۾ لڏندڙ جھوپڙيءَ وانگر هيڏي هوڏي لڏندي. سندس گناهن جو مٿس ايترو تہ ڳرو بار هوندو، جو اها اهڙي ڪرندي جو وري اُٿي نہ سگھندي.


تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


پر اي اوهين سڀ! جيڪي ٻين جي لاءِ باهہ ٿا ٻاريو، سي پاڻ ئي پنهنجي باهہ جي شعلن ۾ برباد ٿي ويندا. خداوند وٽ اوهان لاءِ اهو ئي ڪجھہ آهي. هائو، اوهان جي نصيب ۾ عذاب ئي عذاب آهي.


بيشڪ اهي اهڙي قوم جو ڏيکاءُ ڪن ٿا جيڪا سچائيءَ وارا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي شريعت کان منهن نہ ٿي موڙي. اهي روز بروز منهنجي عبادت ڪندا رهن ٿا، ۽ دعويٰ ٿا ڪن تہ ’اسين خداوند جي رستن کي ڄاڻڻ چاهيون ٿا، اسين کانئس سچائيءَ وارا حڪم طلب ڪريون ٿا، ۽ سندس عبادت ڪرڻ ۾ خوش ٿيون ٿا.‘


اسين سڀ جو سڀ گناهہ ڪرڻ ڪري پليت ٿي پيا آهيون. ايتري قدر جو اسان جا سمورا ڪم جيڪي سچائيءَ وارا سمجھيا ٿا وڃن، سي بہ حيض لڳل ڪپڙي وانگر پليت ٿي پيا آهن. اسين سڀ سڪل پنن وانگر ڪومائجي ڪري ٿا پئون، ۽ اسان جون بدڪاريون اسان کي هوا وانگر اُڏايو ڇڏين.


پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ


انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


آءٌ اوهان يهوداہ جي باقي بچيلن کي هرگز نہ ڇڏيندس، جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هائو، اوهين سڀ مصر ۾ ناس ٿي ويندا. اوهين ننڍا توڙي وڏا سڀ جنگ ۾ يا وري ڏڪار سان ماريا ويندا. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو سبب بڻبا.


ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ زمين ۽ آسمان باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌دينن جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو.


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ سڀيئي چٽ ٿي ويندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan