Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 1:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اي يروشلم شهر! تون تڏهن بچي ويندين، جڏهن تو ۾ انصاف پيدا ٿيندو. هائو، جڏهن تو ۾ رهندڙ ماڻهو گناهن کان باز ايندا، تڏهن اهي پنهنجي سچائيءَ جي ڪري بچي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

27 صيون عدالت جي ڪري ڇڏايو ويندو ۽ جيڪي گناهہ کان ڦريا آهن سي سچائيءَ جي ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 1:27
18 Iomraidhean Croise  

هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


ڪوبہ شينهن يا ڪو ٻيو خونخوار جانور انهيءَ رستي جي ويجھو بہ نہ ايندو. جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي ئي انهيءَ رستي تان گذري سگھندا.


بيشڪ قادرِمطلق خداوند عدل ڪرڻ سان پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. هائو، هن جي انصاف وارن ڪمن مان سندس پاڪائي پڌري ٿئي ٿي.


اي منهنجي قوم وارؤ! مون ڏانهن ڌيان ڏيو. هائو، مون ڏانهن ڪن ڏيو. ڏسو، مون وٽان قومن کي تعليم حاصل ٿيندي، ۽ منهنجو عدل انهن لاءِ روشنيءَ مثل هوندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اوهين غلام بڻايا ويا هئا، تڏهن مفت وڪاڻا هئا، سو هاڻي ڇڏايا بہ بنا پئسن ويندا.


انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.


تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.


مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ منهنجي قوم کي بچائڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هائو، اهو سندن دشمنن کان انتقام وٺڻ جو وقت هو.


اي بني اسرائيل قوم! آءٌ تو سان هميشہ زال مڙس وارو اهڙو لاڳاپو جوڙيندس، جيڪو سچائيءَ، عدل، رحمت ۽ دائمي شفقت وارو هوندو.


اي منهنجي قوم! ياد ڪريو تہ موآب جي بادشاهہ بلق اوهان بابت ڪهڙا بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙيا هئا، ۽ بلعام ولد بعور هن کي ڪهڙي ورندي ڏني هئي. اهو بہ ياد ڪريو تہ شطيم کان جِلجال تائين اوهان سفر ڪندي ڪهڙي نموني اردن درياءُ پار ڪيو. پوءِ اوهين مڃيندا تہ اوهان کي بچائڻ لاءِ مون خداوند ڇا ڇا ڪيو.“


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan