Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 1:22 - Muslim Sindhi Bible

22 افسوس! اي يروشلم! ڪڏهن تہ تنهنجا رهاڪو چانديءَ جهڙا هئا، پر هاڻي اهي ڪين جهڙا ٿي پيا آهن. افسوس! ڪڏهن تہ اهي سٺي مئي جهڙا هئا، پر هاڻي اهي لذت وڃائي رڳو پاڻيءَ جهڙا ٿي پيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 تنهنجي چاندي مٺ تي پئي آهي، تنهنجو شراب پاڻيءَ سان گڏجي پيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 1:22
9 Iomraidhean Croise  

تون ڌرتيءَ جي سڀني بدڪارن کي ڪَسُ جيان ڪڍي ڦٽو ڪرين ٿو. اهو ڏسي آءٌ تنهنجي شريعت کي پيار ڪريان ٿو.


آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


اهي مئي خوريءَ ۾ مست ٿي زناڪاريءَ ۾ مشغول ٿي ويا آهن، اهي پنهنجي عزت بدران خواريءَ کي پسند ٿا ڪن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت خدا جي پيغام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا کي حاضر ڄاڻيندي خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan