Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 اوهين وهنجو، پاڻ کي پاڪ ڪريو؛ پنهنجا بڇڙا ڪم منهنجي اکين جي اڳيان ٽاريو؛ بڇڙائي ڪرڻ کان بس ڪريو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 1:16
31 Iomraidhean Croise  

خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“


اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بي‌ڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربان‌گاهہ جو طواف ٿو ڪريان.


هائو، بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو ۽ سدائين نيڪي ڪندا رهو. اوهين صلح جا طالبو ٿيو ۽ انهيءَ جي پٺيان لڳا رهو.


تنهنڪري اوهين بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو، ۽ هر ڪنهن سان نيڪي ڪريو، تڏهن ئي اوهين هن ملڪ ۾ هميشہ تائين قائم رهندا.


تون منهنجي بڇڙائيءَ کي چڱيءَ طرح مون مان ڌوئي ڪڍ. منهنجي گناهہ کان مون کي صاف سٿرو ڪري ڇڏ.


سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.


کاٻي يا ساڄي پاسي نہ ڦرو متان ڀٽڪي نہ وڃو. هائو، پنهنجي پيرن کي بڇڙائيءَ واري رستي کان هميشہ جي لاءِ روڪي ڇڏجو.


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.


انهن نبين چيو تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي خراب رستي ۽ بڇڙن ڪمن کان باز اچي تہ جيئن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ رهي سگھو، جيڪو ملڪ خداوند پراڻي زماني کان هميشہ هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.


ٿي سگھي ٿو تہ هو انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏين ۽ پنهنجي پنهنجي خراب رستي کان باز اچن، تہ پوءِ هنن جي بڇڙن ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي تنهن کان آءٌ مڙي ويندس.


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.


ماڻهو توڙي جانور کٿا ڍڪين ۽ خدا کي تمام گھڻو ٻاڏائين. هر ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت ۽ پنهنجي هٿان ڪيل ظلم کان توبهہ ڪري.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا.


اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي.


تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي وڃن.‘


پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.


انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ هر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ کان پري اڇلايو.


هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ سلامتيءَ جو طالبو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan