Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اوهان کي ڪير ٿو چوي تہ اوهين منهنجي عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم ڪريو؟ ائين ڪري منهنجي مقدس هيڪل جي بي‌حرمتي نہ ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جڏهن اوهين منهنجي اڳيان اچي پاڻ ڏيکاريو ٿا تڏهن ڪنهن اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو آهي تہ منهنجا ايوان لتاڙيو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 1:12
10 Iomraidhean Croise  

تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


سال ۾ ٽي دفعا اوهان جا سڀ مرد مون خداوند پنهنجي مالڪ جي آڏو اچي حاضر ٿين.


سال ۾ انهن ٽنهي موقعن تي اوهان جا سڀ مرد، مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.


جڏهن اوهين خدا جي گھر ۾ داخل ٿيو، تڏهن نماڻا ٿي احتياط سان اچو. ڪي بي‌وقوف ماڻهو اتي وڃي لاپرواهيءَ سان قربانيون تہ پيش ڪن ٿا پر نہ ٿا سمجھن تہ ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا ڦاسائين. انهيءَ کان تہ اهو وڌيڪ بهتر آهي جو اوهين اتي وڃي ڪجھہ ڌيان سان ٻڌو.


اوهين ڇا ٿا سمجھو تہ هي گھر جيڪو منهنجي نالي تي ٿو سڏجي سو چورن ۽ ڌاڙيلن جو اڏو آهي؟ اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڏسان؟


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan