Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 8:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هنن پنهنجا بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، جيڪي منهنجي طرفان ناهن، هنن جيڪي پنهنجا اڳواڻ بڻايا آهن، تن لاءِ منهنجي رضامندي ڪانهي، هنن سون ۽ چانديءَ جا جيڪي بت ٺاهيا آهن، تن جي ئي ڪري هو تباهہ ٿي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هنن بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، پر نہ منهنجي طرفان؛ هنن سردار بنايا آهن، ۽ مون کي انهي جي خبر ئي ڪانهي: هنن پنهنجي روپي، ۽ پنهنجي سون مان پنهنجي لاءِ بُت ٺاهيا آهن، انهي لاءِ تہ وڍجي وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 8:4
20 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“


يربعام جو اهو گناهہ سندس گھراڻي لاءِ تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻيو.


يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.


ڀلا ماڻهن جي هٿن جا ٺاهيل معبود بہ حقيقي معبود ٿي سگھن ٿا ڇا؟“


جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟


بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورتي ٺهرائي، جنهن جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر ٽي ميٽر هئي. هن انهيءَ کي بابل جي صوبي ۾ دورا نالي ميدان ۾ کڙو ڪرايو.


بيشڪ خداوند ڀوائتيون ڳالهيون ڪري اسرائيل وارن کي ڊيڄاريو. هن انهن جي خلاف سخت لهجي ۾ ڳالهايو تہ ”بعل ديوتا جي پوڄا ڪري اهي گنهگار ٿيا آهن، سو هو ضرور ماريا ويندا.“


تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا، ۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.


پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟


هن اهو بلڪل نہ ٿي مڃيو تہ آءٌ ئي اهو خدا آهيان، جنهن کيس اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل ڏنو، ۽ مون ئي کيس اهو جھجھو سون ۽ چاندي عطا ڪيو، جيڪو هن بعل ديوتا جي پوڄا تي خرچ ڪيو.


پر اسرائيل وارن نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جو دشمن سندن پٺيان پيل رهندو.


پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘“


جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘


پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘


چڱو ريڍار آءٌ آهيان. جهڙيءَ طرح پيءُ مون کي ڄاڻي ٿو ۽ آءٌ پيءُ کي ڄاڻان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي ڄاڻين ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيان ٿو.


پر هاڻي جڏهن اوهين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan