Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر اسرائيل وارن نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جو دشمن سندن پٺيان پيل رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيڪي چڱو آهي سو اسرائيل اُڇلائي ڦٽو ڪيو آهي: دشمن هن جي پٺيان پوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 8:3
10 Iomraidhean Croise  

انهن جي وات ۾ بڇڙائيءَ ۽ دغا جون ڳالهيون آهن. هنن ڏاهپ ۽ نيڪيءَ کي بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي.


اي خداوند! پنهنجي غضب وچان سندن پيڇو ڪندي روءِزمين تان سندن نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏ.


اسان جو پيڇو ڪندڙ دشمن بازن جي اُڏام کان بہ وڌيڪ تکا هئا. هنن جبلن تي بہ اسان جو پيڇو ڪيو، ۽ بيابان ۾ اسان جي تاڙ ۾ ويٺا هئا.


جنگ وقت اهي مون کي پڪاري چوندا تہ ’اي خدا! اسين تنهنجي قوم بني اسرائيل آهيون، ۽ تون ئي اسان جو خداوند آهين.‘


هنن پنهنجا بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، جيڪي منهنجي طرفان ناهن، هنن جيڪي پنهنجا اڳواڻ بڻايا آهن، تن لاءِ منهنجي رضامندي ڪانهي، هنن سون ۽ چانديءَ جا جيڪي بت ٺاهيا آهن، تن جي ئي ڪري هو تباهہ ٿي ويندا.


اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan