Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جنگ وقت اهي مون کي پڪاري چوندا تہ ’اي خدا! اسين تنهنجي قوم بني اسرائيل آهيون، ۽ تون ئي اسان جو خداوند آهين.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هو مون کي سڏي چوندا تہ اي خداوند، اسين اسرائيل توکي سڃاڻون ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 8:2
14 Iomraidhean Croise  

ييهوءَ کيس چيو تہ ”مون سان گڏجي هل ۽ ڏس تہ خداوند لاءِ مون کي ڪيڏي نہ غيرت آهي.“ پوءِ هو ساڻس گڏ سندس جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ روانو ٿيو.


انهيءَ هوندي بہ ييهوءَ يربعام ولد نباط جي انهيءَ گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو، يعني بيت‌ايل ۽ دان ۾ سونن گابن جي پوڄا.


باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


پر اسرائيل وارن نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جو دشمن سندن پٺيان پيل رهندو.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


تنهن کان پوءِ اهي اياڻيون ڇوڪريون بہ اچي پهتيون ۽ پڪارڻ لڳيون تہ ’سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘


”جيڪي مون کي ’خداوند، خداوند‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.


جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘


اهي خدا کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan